شاهه محمود ۽ عمران منهنجي ريڊار تي هوندا، شينهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو: عابد شير عليءَ جو ٽوئيٽ

اسلام آباد (م.ڊ) سپريم ڪورٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي ويڙهه سوشل ميڊيا تي به پهچي وئي آهي، عابد شير عليءَ ٽوئٽر تي عمران خان ۽ شاهه محمود قريشيءَ کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، عابد شير عليءَ پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي شاهه محمود قريشيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ اوهان ۽ عمران خان منهنجي ريڊار تي هوندا، هن سوشل ميڊيا وسيلي پي ٽي آءِ تياري ڪرڻ جو پيغام ڏيندي ن ليگ جي شينهن سان ويڙهه جي تياري ڪيو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف عابد شير عليءَ جي ٽوئيٽ جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي رد عمل جو اظهار ڪيو ته عابد شير عليءَ طرفان جاري بيان جي مذمت ڪيون ٿا، مسلم ليگ ن جو تشدد ۽ بدتميزي تي لهي اچڻ شرم جوڳو آهي، پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق جو چوڻ هو ته پاناما ليڪس مسلم ليگ ن جي ڪرپش ئي نه پر ان اندر لڪل سفاڪ آمرن کي به بي نقاب ڪيو آهي. ن ليگ هر هنڌ انصاف جا دروازا بند ڪيا ويا آهن، هن عابد شير عليءَ جي ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي چيو ته اسان هنن جي مقابليءَ جي لاءِ تيار آهيون، تحريڪ انصاف پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي طاقت آهي، عمران خان پنهنجي سپاهين سان گڏ ميدا ۾ لٿل آهي، جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي گندگيءَ کان صاف ڪري دم پٽينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *