ايف بي آر چيئرمين رڳو پنهنجي فائدي ۽ ملازمن کي بچائڻ لاءِ آفيس ۾ ويٺا هوندا آهيو. نيٺ 9 ڪروڙ رُپيا ڪنهن جي کيسي ۾ ويا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ جعلي ڪمپنين جي ذريعي 9 ڪروڙ رپيا ٽيڪس ري فنڊ ڪيس ۾ ايف بي آر جي چيئرمين کان ٽن مهينن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي خميس تي جسٽس گلزار احمد جي سربراهي م ٻن ميمبرن واري بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي چيئرمين ايف بي آر شبرزيدي چيو ته هن ڪيس ۾ 3 جوابدار آهن ڊاڪٽر اشفاق جي خلاف انڪوائري لاءِ سمري وزيراعظم ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي وقتي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ٻن هفتن ۾ ان جي رپورٽ جمع ڪرايو ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته ٻن هفتن ۾ رپورٽ مشڪل آهي سپريم ڪورٽ ايف بي آر چيئرمين کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته ٽربيونل عبدالحميد انجم کي بحال ڪري ڇڏيو هو جسٽس گلزار احمد چيئرمين ايف بي آر تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته 9 ڪروڙ رپين جو معاملو آهي قومي خزاني مان 9 ڪروڙ رپيا هليا ويا ڪنهن کي ڪابه خبر نه آهي جسٽس گلزار احمد چيو ته هي ڪائي هڪ اسڪيم ناهي لکين اسڪيمون ٿي رهيون آهن حڪومت جيترو روينيو ڪمائي رهي آهي ٻئي پاسي اسڪيم جي صورت ۾ وڃي رهيو آهي جسٽس گلزار احمد چيو ته ايف بي آر پنهنجن ملازمن کي بچائي رهيو آهي پبلڪ سروس لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيو سڄي ڏينهن يا ته آفيس ۾ فائدي لاءِ ويهو ٿا يا پنهنجن ماڻهن کي بچايو ٿا جسٽس گلزار احمد چيو ته ايف بي آر جو ته حال خراب ٿي رهيو آهي ڪيترا ملازم ايف بي آر ۾ آهن ايف بي آر چيئرمين چيو ته 21 هزار 500 ملازم آهي جسٽس گلزار احمد چيو ته ايف بي آر انهن ملازمن جون پگهارن جيتريون ته رڪوري به نه ڪندو هوندو آخر 900 ڪلروڙ ڪنهن جي کيسي ۾ ويا معلوم هئڻ گهرجي ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته انڪوائري ٽيم جوڙيون ٿا جسٽس گلزار احمد چيو ته لا ۾ لکيل آهي ته رڪوري به ڪريو ۽ پنج سال سزا به جستس گلزار احمد چيو ته صرف نوڪري مان ڪڍي ڇڏڻ حل نه آهي ملڪي خزاني کي نقصان رسايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *