افغان امن ڳالهين ۾ عورتن جو هجڻ لازمي آهي: انجلينا جولي

نيويارڪ (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ۽ گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت خاص نمائندي انجلينا جولي چيو آهي ته افغان امن ڳالهين ۾/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 35

عورتن جي نمائندگي اڻٽر آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي انجلينا جولي جو چوڻ هو ته عورتن جي شموليت کانسواءِ افغان امن ڳالهيون نتيجا نه ٿيون ڏئي سگهن. هن چيو ته هزارين افغان عورتون امن لاءِ ڳالهين ۾ پنهنجي عدم شموليت تي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪيون آهن ته طالبان سان ڳالهين ۾ کين ۽ سندن ٻارن جي حقن جو ضامن ڪير آهي. اداڪاره جو چوڻ هو ته عالمي برادري جي امن ڳالهين ۾ افغان عورتن جي عدم شموليت تي خاموشي خطري جي نشاني آهي. تازو ئي آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون دوحه قطر ۾ 25 فيبروري تي شروع ٿيون، جنهن لاءِ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *