شارٽ فعال جعلي ۽ لوڊشيڊنگ ڄاڻي واڻي قرار،نيپرا سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽيءَ بجلي جي گهرج ۽ پيداوار وچ ۾ شارٽ فال کي جعلي ۽ ان سلسلي ۾ لوڊشيڊنگ کي به اختيارين جي ڄاڻي واڻي ڪارروائي قرار ڏئي ڇڏيو. نيپرا جي 2014 ۽ 2015 ع جي سالياني رپورٽ موجب ڪارڪردگي جي بنياد تي آئيسڪو پهرين ۽ ڪي اليڪٽرڪ ٻئي نمبر تي آهي. گيسپڪو ٽئين، ڪيسڪو چوٿين، فيسڪو پنجين، ميسپڪو ڇهين، حيسڪو ستين، ليسڪو اٺين، پيسڪو نائين جڏهن ته سيپڪو 10 نمبر تيآهي. بجلي جي بلن بابت سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جو نئون ميٽر سسٽم به ناڪاره آهي ۽ 70 سيڪڙو واهپيدارن کي درست بل نه ملندا آهن. رپورٽ ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ناقص قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال ۽ لوڊشيڊنگ ڄاڻي واڻي ڪئي ويندي آهي. رپورٽ موجب سرڪاري ٿرمل پاور پلانٽس جي انتظاميه مشينن ۽ پاور يونٽس کي ڄاڻي واڻي بند رکيو، جڏهن ته ڪجهه پاور پلانٽن جون مشينون ٽن سالن کان بند آهن. نيپرا سنڌو درياهه تي بجلي جي پيداواري يونٽ جناح هائيڊرو پراجيڪٽ جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي چيو ته 17 ارب خرچ ڏيڻ باوجود منصوبي ۾ فني خرابيون پيدا ٿيون. رپورٽ موجب منصوبي کي 3 سال مڪمل ٿي ويا پر اهو گهــُربل مقدار ۾ بجلي پيدا نه ڪري سگهيو ۽ منصوبي مان ٽن سالن ۾ رڳو 72 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *