ڊاڪٽر عاصم حسين اسپتال مان فارغ، رينجرز ٻيهر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دل واري اسپتال مان ڊاڪٽر عاصم کي فارغ ڪيو ويو آهي، جنهن کي رينجرز پاڻ سان گڏ وٺي وئي آهي. 90 ڏينهن لاءِ رينجرز جي تحويل هيٺ ڊاڪٽر عاصم کي ڪجهه ڏينهن اڳ دل جي تڪليف سبب دل واري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس اي سي جي ۽ ٻيون ٽيسٽون ڪيون ويون. دل واري اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران ڊاڪٽر عاصم حسين طبيعت بابت تسلي بخش رپورٽ ڏيڻ بعد کيس اسپتال مان فارغ ڪيو ويو، جنهن کي رينجرز پاڻ سان گڏ وٺي وئي آهي. ڊاڪٽر عاصم کي دهشتگردن جي مالي مدد ۽ بدعنوانين جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *