سنڌ پوليس جي سينئير آفيسرن جي شڪايتن تي نيب آءِ جي خلاف 3 ريفرنس مڪمل ڪري ورتا

ڪرا چي(اسٽاف رپورٽر) :سنڌ پوليس  جي ڪجهه سينئير آفيسرن  ايپڪس ڪاميٽي  جي ذميوارن سان رابطو ۽ ملاقاتون ڪري آءِ جي سنڌ پوليس  خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي  ڇڏيا ، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته نيب آءِ جي سنڌ پوليس  خلاف  3 ريفرنس  مڪمل ڪري ورتا آهن، ذريعن ٻڌايو ته  ايڊيشنل  آءِ جي  غلام قادر ٿيٻو، ايڊيشنل  آءِ جي ثناءِ الله عباسي ،ڊي آءِ جي منير شيخ، ڊي آءِ جي سلطان  خواجه،ايس ايس پي طارق ڌاريجي جي بدلي ڪئي وئي، جيڪا رد ڪرڻ بابت آءِ جي  غلام حيدر جمالي کي سفارش ڪئي وئي پر آءِ جي  انهن پوليس آفيسرن  سان ورڪنگ  رليشن  شپ به نالي ماتر رکيو آهي،انهي صورتحال ۾ ڪيترائي سينئير پوليس آفيسر  ايپڪس  ڪاميٽي  جي ذميوارن وٽ پهتا ۽ انهن سان آءِ جي بابت شڪايتون ڪيون،جنهن جو نتيجو  اهو نڪتو  آهي ته آءِ جي خلاف  مالي بيقائدگين جا 3 ريفرنس  تيار ٿي ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *