سکڻ لاءِ فلم ”سلطان“ ۾ ڪم ڪيو: سلمان خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان چيو آهي ته هن سکڻ لاءِ فلم سلطان ۾ ڪم ڪيو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب سلمان خان اڄ ڪلهه يش راج بينر هيٺ علي عباس ظفر جي هدايت ۾ ٺهندڙ فلم ”سلطان“ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هو هڪ پهلوان جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آئون ”سلطان“ رڳو ان ڪري سائن ڪئي آهي ڇو جو مان سکڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته ڪو به نئون ڪم سکڻ جو جيڪو مزو آهي، اهو هڪ نئين سطح تائين کڻي ويندو آهي. فلم ۾ سلمان خان کي روبيلا ۽ ماچو انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي جيڪا عيد جي موقعي تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *