ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪاروائي، انتهائي گهربل ٽارگٽ ڪلر ڪاشف عرف ڊيوڊ گرفتار، جديد هٿيار، رينجرز جون ورديون هٿ

ڪراچي (اي پي پي) پاڪستان رينجرز سنڌ عزيز آباد ۾ نائن زورو ويجهو ڪاروائي دوران بدنام ٽارگٽ ڪلر ڪاشف عرف ڊيوڊ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ظاهري طور ٽيوشن سينٽر جي نالي تي قائم هٿيار خاني مان وڏي انگ ۾ جديد هٿيار، آوان بم ۽ رينجرز جون ورديون هٿ ڪيون ويون آهن. رينجرز جي وڏي نفري اڱاري جي صبح جو سوير فجر جي نماز کان اڳ ايم ڪيو ايم هيڊ ڪوارٽر نائن زيرو جي آس پاس عزيز آباد واري علائقي تي ڪڙو چاڙهي ورتو. رينجرز هڪ گهر جو تالو ٽوڙي تلاشي ورتي، جنهن مان وڏي انگ ۾ جديد هٿيار، آوان بم ۽ رينجرز جون ورديون هٿ ڪيون ويون. هٿ ڪيل هٿيارن ۾ خطرناڪ هٿيار پڻ شامل آهن. هٿيار خاني طور استعمال ٿيندڙ گهر باهر ٽيوشن سينٽر جو بورڊ لڳل هو. ونگ ڪمانڊر رينجرز سنڌ ڪرنل فيصل صحافين کي ٻڌايو ته ڪاشف عرف ڊيوڊ انتهائي گهربل ٽارگٽ ڪلي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انتهائي گهربل ٽارگٽ ڪلر ڪاشف عرف ڊيوڊ جو تعلق متحده قومي موومنٽ سان آهي ۽ هو دهشتگري ۽ ٽارگٽ ڪلنگ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ گهربل هو. هن ٻڌايو ته ڪاشف کي گزريل رات هڪ آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو هو ۽ سندس نشاندهي تي اها ڪاروائي ڪئي وئي آهي جنهن دوران هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *