شوبز سان گڏ مڙس ۽ ٻارن لاءِ به مناسب وقت ڪڍڻو پوندو آهي : متيرا

لاهور (شوبز نيوز)  پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪارا متيرا چيو آهي ته شوبز سان گڏ مڙس ۽ ٻارن لاءِ به مناسب وقت ڪڍڻو پوندو آهي، هڪ انٽرويو ۾ متيرا چيو ته ماڊلنگ سولو ڪم ناهي، ڪاميابي لاءِ لڳاءُ لازمي آهي، ڇو ته ڪوبه ڪم سولو ناهي هوندو،هن چيو ته جيڪڏهن انسان ۾ جذبو هجي ته هو هم ڪم سکي سگهي ٿو، سندس چوڻ هو ته مان ذاتي طور تي سفارشي ماڻهن کي پسند ناهيان ڪندي، ڇو ته سفارش هڪ ڀيرو ڪم ايندي آهي، هر ڀيري ڪم ناهي ايندي، متيرا چيو ته مان خوشنصيب آهيان جو ماڊلنگ، ٽي وي ۽ ڳائڻ ۾ پنهنجو ڪم ڪاميابي سان جاري رکيون پئي اچان، جڏهن ته ڪامياب ازدواجي زندگي لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *