سڌ سماءَ جي آفيسرن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان منفي تاثر ملي ٿو، جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال به ڪيو وڃي: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ پورهيو کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني اڄ سمورن ڊويزنل ڊائريڪٽرن ۽ سمورن ضلعي آفيسرن سان گڏ اجلاس گهرايو. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري عمران عطا سومرو، اطلاعات کاتي جي ڊويزنل آفيسرن سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ۽ ڊويزنل سطح تي اطلاعات کاتي جي سموري ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات کاتي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خاص ڪري ڊويزنل آفيسرن کي گهرايو ويو. اجلاس ۾ اطلاعات واري وزير سموري صوبي ۾ اطلاعات جي شعبي پاران عوام تائين سنڌ حڪومت ۽ ان جي ماتحت کاتن پاران ڪيل اپائڻ کي عوام تائين پهچائڻ جي حوالي سان آگاهي حاصل ڪئي. هن چيو ته اطلاعات جي شعبي جو اصل ڪم  عوام تائين ميڊيا جي ذريعي حقائق ۽ خاص ڪري کاتي پاران ڪيل اپائن کان آگاهه ڪرڻ آهي پر اسان جا آفيسر الاهي ڇو ايئن نٿا ڪن. ضرورت اهڙي امر جي آهي ته ڪو کاتو يا ڪا اهڙي خبر جنهن جو اثر عوام تي منفي طور تي حڪومت تي اثر انداز ٿئي ٿو ته ڊويزنل ڊائريڪٽر ۽ آئي اوز جي ذمينداري آهي ته هو انهن جو موقف ۽ ترديد ميڊيا جي ذريعي عوام تائين پهچائن. صوبائي وزير چيو ته سمورن آفيسرن سان گذارش آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي جي رپورٽ هر مهيني باقائدگي سان اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري تائين پهچائن ته جيئن انهن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي سگهجي. ٻئي پاسي صوبائي وزير سعيد غني آفيسرن تي ذور ڏنو ته اطلاعات جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال به ڪيو وڃي اطلاعات واري وزير آفيسرن کي پنهنجي لاڳاپيل پريس ڪلبن، صحافين جي تنظيمن ۽ صحافين سان موثر رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي لاءِ گهٽ مدت ۾ حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو صوبائي وزير آفيسرن تي زور ڏنو ته توهان جي ڪارڪردگي جي حوالي سان منفي تاثر ملي ٿو ان کي پري ڪري سگهجي ۽ گذريل ڏهن سالن ۾ جيڪي به ترقياتي ڪم توهان جي ضلعن ۾ ٿيا ان جي هڪ جامع رپورٽ به موڪليو ته جيئن ميڊيا جي دوستن جي ذريعي عام عوام تائين ڳالهه پهچائي سگهون ته حڪومت مختلف ترقياتي پروگرام به ڪيا آهن جنهن جي ڪا به خبر ميڊيا ۾ ناهي ڏني يا ڇاپي وئي. هن ڊويزنل آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان توهان جي تربيت به ڪرائينداسين ته جيئن توهان جديد دور جي تقاضن سان پنهنجو پاڻ کي هم آهنگ ڪيو. اطلاعات ۽ پورهيو واري صوبائي وزير سعيد غني اطلاعات جي سيڪريٽري کي ڊويزنل انفارميشن آفيسرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *