اڳوڻي صدر جو 8 ڏينهن جو رمانڊ منظور، نيب 40 سوال پڇيا آهن پر منهنجي وڪيل لطيف کوسا سان ملڻ به نه پيو ڏنو وڃي: زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري جي جسماني ريمانڊ ۾ 8 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، خميس تي جعلي اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڊيوٽي جج طاهر محمود ڪئي، فريال ٽالپر احتساب عدالت ۾ پيش ٿي، آصف زرداري کي سخت پهري ۾ عدالت ۾ آندو ويو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته آصف زرداري جو ڪيترو جسماني ريمانڊ ٿي چڪو آهي، جاچ آفيسر ٻڌايو ته آصف زرداري جو 58 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿي چڪو  آهي، جج چيو ته ريمانڊ جي پهرين ۽ آخري ڏينهن جي ڊائري ڏيکاريو، جاچ آفيسر چيو ته آخري 3 ڏينهن جي ڊائري ڏني آهي، وقت ڏيو ته اڃا وڌيڪ ڊائري پيش ڪندس، جج چيو ته آخري 10 ڏينهن ريمانڊ تي ڪهڙي اڳڀرائي ٿي انهن ٻنهي جي رپورٽ ڏيو، نيب پراسيڪيوٽر آصف زرداري جي 8 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي اپيل ڪئي، جاچ آفيسر چيو ته جيتري جاچ ٿي چڪي ان بنياد تي عيد جي 10 ڏينهن کانپوءِ عدالت ۾ ڪچو ريفرنس داخل ڪندس، هن چيو ته وڌيڪ 8 ڏينهن ريمانڊ ڏنو وڃي ته جيئن جاچ مڪمل ڪري سگهان. عدالت آصف زرداري جي جسماني ريمانڊ ۾ 8 ڏينهن جي واڌ ڪندي 16 آگسٽ تي کيس ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *