نيب خورشيد شاهه جون 100 بي نامي ملڪيتون هٿ ڪري ورتيون، لڏومل، آفتاب سومرو، اعجاز، عمر جان سندس فرنٽ مين قرار

اسلام آباد(م ڊ) قومي احتساب بيورو پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي بي نامي اڪائونٽن، اثاثن ۽ مبينا فرنٽ مين جا تفصيل حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي لڏومل، آفتاب سومرو، اعجاز، عمر جان کي سندس فرنٽ مين قرار ڏنو آهي. نجي ٽي وي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نيب وٽ اهم دستاويز آهن جنهن ۾ خورشيد شاهه جي بئنڪ اڪائونٽن، بي نامي ملڪيتن، اثاثن ۽ مبينا فرنٽ مينن جا تفصيل آهن. خورشيد شاهه اعجاز(پلهه) جي نالي سان سکر ۽ روهڙي ۾ ٻه ملڪيتون ٺاهيون آهن، هن لڏو مل جي نالي تي 11 ۽ آفتاب حسين سومرو جي نالي تي 10 ملڪيتون ٺاهيون آهن. رپورٽ موجب خورشيد شاهه مبينا فرنٽ مين لاءِ ڪارڊيو اسپتال جي ڀر ۾ ڏيڍ ايڪڙ ايراضي نرسري لاءِ الاٽ ڪرائي. سندس بينامي جائدادن ۾ عمر جان نالي شخص جو به اهم ڪردار آهي. خورشيد شاهه جي استعمال هيٺ گاڏي عمر جان جي نالي رجسٽر آهي، هن سکر ۽ ٻين علائقن ۾ عمرجان جي ڪمپني کي ترقياري منصوبن جا ڪم ڏياريا. نيب ذريعن موجب خورشيد شاهه جي رهائشي اسڪيمن، پيٽرول پمپن، زمينن، دڪانن جا تفصيل به حاصل ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خورشيد شاهه پنهنجي فرنٽ مين پهلاج مل وسيلي 83 ملڪيتون ٺاهيون آهن. پ پ جي ايم اين اي خورشيد شاهه نيب جي دعوائن جي جواب ۾ چيوآهي ته منهنجا 500 ارب رپيا ۽ 105 بئنڪ اڪائونٽ هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جيڪڏهن اها دعويٰ درست آهي ته تفصيل عوام جي سامهون رکيا وڃن، انصاف جي نالي تي انصاف جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن انهن طاقتن جا چهرا جلد وائکا ٿيندا. هن بيان ۾ چيو ته احتساب جي نالي تي ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، ۽ پتڪا لاٿا پيا وڃن. اڻ ڌري جاچ ۾ اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا. جاچ کانسواءِ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ هن حڪومت جي عادت آهي. 500 ارب رپين جي اثاثن ۽ 105 بئنڪ اڪائونٽن جي خبر نسورو ڪوڙ آهي، اهو الزام هڪ سيڪڙو به سچ ثابت ٿيو ته سياست ڇڏي ڏيندس، سپريم ڪورٽ معاملي جي جاچ ڪرائي، سچ سامهون آندو وڃي. هن چيو ته حڪومت گندن هٿڪنڊن سان مخالف ڌر کي ڀت سان لڳائڻ چاهي ٿي، حڪومت انهن ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *