سڌارن جو وقت اچي ويو ، جتي جتي غلطيون ٿيون اصلاح ڪنداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايم ڊي پي ٽي وي مقرري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ايف بي آر کان عطاءُ الحق قاسمي جا 10 سالن جا گوشوارا طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس آف پاڪستان ڏيندي چيو ته سڌارن جو وقت اچيوويو آهي، جتي جتي غلطيون ٿيون اصلاح ڪنداسين. تفصيل موجب ايم ڊي پي ٽي وي مقرري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته عطاءُ الحق قاسمي پگهار جي مد ۾ ڪيترائي پيسا ورتا؟ سڌُ سماءَ واري سيڪريٽري ٻڌايو ته عطاءُ الحق قاسمي جي پگهار 15 لک هئي، 3 ڪروڙ رپيا پگهار 2 سالن ۾ وصول ٿي. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ساڍا 3 لک رپيا ميڊيڪل جو خرچ آهي، سفري خرچ 10 لک رپيا آهن، چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته عطاءُ الحق قاسمي کي مهانگي گاڏي ڏني وئي، گاڏي کي واڌ ويجهه جو خرچ ڪهڙي قانون تحت ڏنو ويو؟  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته لکين رپيا پيٽرول جي مد ۾ وصول ڪيا ويا، عطاءُ الحق قاسمي کي سرڪاري گهر ۾ لفٽ به لڳرائي ڏني وئي، اهي سموريون ڳالهيون جاچ ۾ سامهون آيون. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته جيڪڏهن اها رقم وڌيڪ ٿي ته سڀني کي ڀرڻي پوندي، جنهن مقرري ڪئي آهي سڀني کان پيسا وٺنداسين، چيف جسٽس چيو ته 2 سالن ۾ 24 لک رپيا تفريح جي مد ۾ خرچ ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته لاهور جي ڪيمپ آفيس تي ڪيترو خرچ ٿيو؟ سڌ سماءَ واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪيمپ آفيس تي 11 لک رپيا خرچ ٿيا. عدالت ايف بي آر کان عطاءُ الحق قاسمي جا 10 سالن جا گوشوارا طلب ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *