حيدرآباد: ٽرڪ ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، عورتن سميت 11 ڄڻا فوت

حيدرآباد (اين اين آءِ) تيز رفتار ڊمپر سوزوڪي پڪ اپ مٿان چڙهي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 10 عورتن سميت 11 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 عورتون سخت زخمي به ٿيون آهن لاش سول اسپتال حيدراباد منتقل ڪيا ويا پوليس مطابق حيدرآباد ٽنڊومحمد خان روڊ تي تيز رفتار ڊمپر خانگي ڪمپني جي سوزوڪي پڪ اپ کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ پڪ اپ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويئي حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار ۽ امدادي ڪارڪن واقعي واري هنڌ پهتا ۽ انهن زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو جتي طبي عملدارن 11 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي فوتين ۾ 10 عورتون شامل آهن جڏهن ته حادثي جي نتيجي ۾ 2 عورتون زخمي به ٿي پيون. پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل سوزوڪي پڪ اپ خانگي ڪمپني جي ملڪيت هئي ۽ ان ۾ سوار ماڻهو ڪمپني جو سامان وڪرو ڪرڻ وڃي رهيا هئا ڊمپر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي جڏهن ته جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي ويئي آهي سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي ٽنڊومحمدخانکي متاثرن جي هر قسم جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *