اثاثا ريفرنس: واجد ضياءَ پاناما جي آءِ ٽي جي اصل رپورٽ جو واليم هڪ ۽ 9 عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) احتساب عدالت ۾ اسحاق ڊارخلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي سلسلي ۾ قائم نيب ريفرنس جي ٻڌڻي دوران پانامه جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياء جو بيان قلمبند ڪيو ويو سومر تي احتساب عدالتجي جج محمد بشير اسحاق ڊار خلاف اثاثا ريفرنس جي ٻڌني ڪئي احتساب عدالت پانامه ڪيس ۾ شريف خاندان جي اثاثن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه، ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضياء ۽ جاچ آفيسر نادر عباس کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو 8 فيبروري تي ٿيل گذريل ٻڌڻي ۾ اصل جي آءِ ٽي رپورٽ نه هجڻ جي ڪري واجد ضياء جو بيان قلمبند نه ٿي سگهيو هو سومر تي واجد ضياء پانامه جي آءِ ٽي جي اصل رپورٽ جو واليم هڪ ۽ 9 عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي واجد ضياء ٻڌايو ته 20 اپريل 2017 تي سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي بنائڻ جو حڪم ڏنو جنهن لاءِ ايف آءِ اي منهنجو نالو موڪليو هن ٻڌايو ته 5 مئي تي سپريم ڪورٽ منهنجي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ مان عامر عزيز آءِ ايس آءِ مان نعمان سعيد ايم آءِ سي ڪامران خورشيد، ايس اي سي پي جو بلال رسول ۽ نيب مان عرفان نعيم منگي شامل هئا واجد ضياء ٻڌايو ته جي آءِ ٽي 10 جولاءِ 2017 تي حتمي رپورٽ پيش ڪئي هن ٻڌايو ته ان دوران اسحاق ڊار سميت مختلف شخصيتن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا ان موقعي تي احتساب عدالت جي جج واجد ضياء کي چيو ته اوهان کي پنهنجي ڪيس ۾ اسحاق ڊار تائين محدود رهڻو آهي واجد ضياء ٻڌايو ته جي آءِ ٽي ايس اي سي پي، بئنڪن ايف بي آر ۽ اليڪشن ڪميشن کان رڪارڊ ورتو هن ٻڌايو ته 1992 جي ويلٿ اسٽيٽمينٽ مطابق اسحاق ڊار جا اثاثا 9.1 ملين رپيا هئا جڏهن ته 09-2008 ۾ ان جي اثاثن جي ماليت 831.6 ملين رپين تائين پهتل هئي واجد ضياء ٻڌايو ته اسحاق ڊار جي اثاثن ۾ ان عرصي دوران 91 ڀيرا اضافو ٿيو هن ٻڌايو ته جي آءِ ٽي ان نتيجي تي پهتي ته اسحاق ڊار جا اثاثا آمدني جي ذريعن کان وڌيڪ آهن جڏهن ته هو پنهنجي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪو جواز پيش نه ڪري سگهيو واجد ضياء مطابق اسحاق ڊار 2005 ۾ براق هولڊنگز ۾ 5.5 ملين پائونٽس جي سيڙپ ڪئي جڏهن ته 2008 ۾ 4.9 ملين برطانوي پائونڊ پٽ کي قرض ڏنو پر پٽ جو نالو ظاهر نه ڪيو ۽ هو ان رقم جو ذريعو به نه ٻڌائي سگهيو واجد ضياء جو بيان رڪارڊ ٿيڻ کان پوءِ اسحاق ڊار جي خلاف اثاثا ريفرنس جي ٻڌڻي 14 فيبروري تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *