سڄي ملڪ ۾ ڊينگي پکڙجي ويو آهي، هن و وقت تائين ڊينگي جا 52 هزار 476 ڪيس رپورٽ ٿيا: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊينگي ڪنٽرول پروگرام جي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته هو تحقيق تي ٻڌل ڪم شروع ڪري ته جيئن غير محفوظ علائقن ۾ حفاظتي اُپاءُ ورتا وڃن. هن چيو ته صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فقط اسپتال جي رپورٽس جي بنياد تي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ئي ڪافي نه آهي بلڪه اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته گذريل سال ڪيترا علائقا متاثر ٿيا هئا ته جيئن لاڳاپيل کاتن سميت بلدياتي ادارا ۽ صحت کاتو اتي ڊينگي سيزن شروع ٿيڻ سان پهرين حفاظتي اُپائن بابت ڄاڻ ڏئي سگهن. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ پري وينشن اينڊ ڪنٽرول پروگرام فار ڊينگي (پي سي ڊي پي) بابت ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذره پيچوهو، صوبائي وزير بلديات ناصر حسين شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري بلديات روشن شيخ، پري وينشن اينڊ ڪنٽرول آف ڊينگي پروگرام مينجر ڊاڪٽر محمود اقبال ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڊينگي ڪنٽرول پروگرام بابت ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو هڪ روٽين پروگرام آهي ۽ ان منجهان ڪوبه تاثر يا فائدو نه ورندو. هن چيو ته اوهان کي گهرجي ته اوهان حقيقت تي ٻڌل ڊيٽا گڏ ڪريو فقط اسپتالن مان نه پر ليبارٽرين منجهان به گڏ ڪريو ته جيئن متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي اصل انگ بابت ڄاڻ ملي سگهي ۽ خبر هجڻ گهرجي ته هلندڙ مهيني/سال ۾ ڪهڙا علائقا متاثر ٿيا ۽ گذريل سال ڪيترا ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ هلندڙ سال ان جي انگ ۾ ڪيترو فرق آيو آهي. هن چيو ته صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سائينٽيفڪ طريقو اپنائڻ جي ضرورت آهي. مراد علي شاهه ڊينگي پروگرام ٽيم کي هدايت ڪئي ته هو گذريل سال ۽ هلندڙ سال جي متاثر ٿيندڙ علائقن جا نقشا تيار ڪن ۽ گذريل سال ورتل اُپائن جي اسٽڊي ڪندي کين نتيجن جو جائرو ورتو وڃي ۽ پوءِ ڪمزورين/اوڻائين جيڪڏهن هجن ته انهن جي نشاندهي ڪئي وڃي. هن چيو ته اوهان پنهنجي رهنمائي لاءِ ميڊيڪل يونيورسٽيز کي تحقيقي ڪم لاءِ چئي سگهو ٿا. مراد علي شاهه ڊينگي ڪنٽرول پروگرام کي اها پڻ هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل کاتن سميت ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي ڊينگي مڇرن جي واڌويجهه واري عرصي بابت ڄاڻ ڏني وڃي ته جيئن لاڳاپيل ادارا حفاظتي انتظامات ڪري سگهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جا سڀئي صوبا ڊينگي انفيڪشن وگهي متاثر ٿيا آهن. مجموعي طور پهرين ڊسمبر 2019 تائين 52476 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن ۾ 13283 ڪيس اسلام آباد، 10051 پنجاب، 15521 سنڌ، 7080 ڪي پي ڪي، 3386 بلوچستان ۽ 1690 آزاد ڪشمير ۾ رپورٽ ٿيا آهن. صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو وڏي وزير کي ٻڌايو ته شهر جي وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ضلع ڏکڻ، شرقي ۽ ڪورنگي شامل آهن. فقط 1085 ڪيس صوبي جي ٻين ضلعن مان رپورٽ ٿيا آهن جنهن ۾ وڌيڪ حيدرآباد، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص مان آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2019 ۾ مجموعي طور 43 فوتگين جي رپورٽ ٿي آهي جنهن ۾ 37 نجي اسپتالن ۽ 6 سرڪاري اسپتالن ۾ ٿيا آهن. فوتگين جو ڪارڻ ڊينگي هميورهيجڪ، بخار ، ڊينگي شاڪ وغيره شامل آهن. واضح رهي ته ڊينگي انفيڪشن ۾ واڌ سيپٽمبر 2019 کان ٿيو آهي جيڪو شديد برساتن، هوا ۾ وڌيڪ آلاڻ ۽ ٽيمپريچر ۽ سالڊ ويسٽ مسئلن جي ڊسپوزل سبب ٿيو آهي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته ڪيترائي ملڪ آهن جتي لڳاتار برساتون ٿين ٿيون پر اتي اهڙي طرح جا ڪيس رپورٽ نه ٿيندا آهن. هن ڊينگي پري وينشن اينڊ ڪنٽرول پروگرام جي ٽيم کي چيو ته آئون چاهيان ٿو ته اوهان حل کي تلاش ڪريو ۽ پنهنجن ماهرن، تحقيق ۽ محنت ذريعي حفاظتي اُپائن کي يقيني بڻايو. پروگرام مينيجر پنهنجي رپورٽ ڏيندي چيو ته 3056 ڪيسن منجهان 2697 يا 88 سيڪڙن جو علاج ڪري انهن کين گهر اماڻيو ويو آهي. 2233493 ميٽر ايراضي ۾ فيوميگيٽڊ/ڦوهارو ڪيو ويو آهي. 11925 ڪمرن م به اسپري ڪيو ويو آهي. 1547 مريضن کي ايل ايل آئي اين نيٽ ڏني وئي آهي. 13495 ڪرم ڪش سرگرميون ڏنيون ويون آهن ۽ ڄاڻ مهم هلندڙ آهي.صورتحال بابت اپ ڊيٽ ڏيندي ڊاڪٽر محمود اقبال چيو ته ڪراچي جو هفتي جي بنياد تي ڊيٽا اهو ظاهر ڪندو آهي ته سيپٽمبر 2019 جي پهرين هفتي ۾ 152 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن ۾ وڌاءُ ٿيندو رهيو ۽ اهو تعداد آڪٽوبر 2019 جي چوٿين هفتي ۾ 2470 تائين پهچي ويو. هن چيو ته نومبر جي پهرين هفتي کان ڪيسن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي آهي جڏهن 1313 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا جيڪي وڌيڪ گهٽجي ويا هئا ايتريقدر جو نومبر جي آخري هفتي ۾ 809 ڪيس باقي بچيا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *