ميڊيا کي دٻاءَ ۾ آڻي مرضِي جون خبرون هلائڻ جي ڪوشش افسوسناڪ آهي:بلاول زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو ڊان ميڊيا گروپ جي صحافين سان ٻڌي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ميڊيا کي دٻاءَ ۾ آڻي مرضِي جون خبرون هلائڻ جي ڪوشش افسوسناڪ آهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ اظهار جي آزادي کسڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اڱاري تي بلاول ڀٽو ڊان ميڊيا گروپ جي آفيس پهتو ۽ صحافين سان گذريل ڏينهن ٿيل واقعي تي ٻڌي جو اظهار ڪيو، بلاول ڀٽو ريزيڊنٽ ايڊيٽر فهد حسين ۽ ٽي وي جي بيورو چيف افتخار شيرازي سان ملاقات ڪئي، پ پ چيئرمين سان فرحت الله بابر، نير بخاري ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي گڏ هو، بلاول ڀٽو چيو ته ميڊيا گروپ جي آفيس تي چڙهائي جي مزمت ڪريان ٿو، هن چيو ته ميڊيا جي ادارن کي هڪ سازش ۽ رٿابندي تحت ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو پيو وڃي.

 

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *