دادو جي ٻارڙي گل سما بابت خبر حڪومت کي ميڊيا ذريعي پئي آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به شڪايت نه ڪئي هئي: سعيد غني

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته دادو جي نينگري گل سما بابت خبر حڪومت کي ميڊيا ذريعي پئي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به شڪايت نه ڪئي هئي، اڱاري تي سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي وقت هن ايوان کي ٻڌايو ته ڇوڪري کي سنگسار ڪرڻ جا ڪي به پڪا ثبوت نه مليا آهن، مڪمل طرح ڇنڊ ڇاڻ ڪئي پئي وڃي ۽ جيڪو ٿيو اهو ڪنداسين، هن چيو ته گل سما جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم جي ڪارروائي ٿيندي، هن ايوان کي ٻڌايو ته ڊفينس جي علائقي مان اغوا ٿيل دعا منگي جي والد نثار منگي سان رابطو ٿيو آهي، پوليس کي ڪجهه ثبوت مليا آهن جن جي روشني ۾ جاچ اڳتي وڌي رهي آهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت کان مدد جي ضرورت پئي ته ضرور وٺنداسين، جنهن کانپوءِ اجلاس اربع تائين ملتوي ڪيو ويو، واضح رهي ته اڱاري تي پرائيويٽ ميمبر ڊي جي باوجود ايوان اڌ کان گهڻو خالي رهيو جنهن تي اسپيڪر ميمبرن کي ڇنڊ پٽي ته جيڪڏهن ايندڙ اجلاس ۾ ائين ٿيو ته اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *