جو بائيڊن حڪومت ڪشمير تي زميني حقيقتن کي نظرانداز ڪرڻ بند ڪري: پرڏيهي وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي کان ڪو وڏو سانحو جنم وٺي سگهي ٿو ۽ نئين آمريڪي انتظاميا مان اميد آهي ته هو زميني حقيقتن کي نظرانداز ڪرڻ بند ڪندي. پرڏيهي وزارت ۾ والاريل ڪشمير جي حوالي سان تصويري نمائش ۽ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت اصرار ڪري ٿو ته ڪشمير جو اندريون معاملو آهي جڏهن ائين ٿيو ته اسان ڇو گڏيل ڳالهين جي ڳالهه ڪيون ٿا ڀارت ڪشمير مسئلي کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي پروپيگنڊه پيو ڪري، اسان کي سوچڻو آهي ته ڇا اسان ڏکڻ ايشيا ۾ امن جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته نئين آمريڪي انتظاميا هميشه انساني حقن کي نظر ۾ رکندي آهي ان مان اميد آهي ته هو زميني حقيقتن کي نظرانداز ڪرڻ بند ڪري.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *