سڀ کان وڌيڪ روينيو ۽ ٽيڪس ڏيندڙ شهر ڪراچي جي بنيادي انفرااسٽريڪٽر ۾ بهتري جي ضرورت آهي: عارف علوي

ڪراچي (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ جٽادار ڪارباري ترقي ۽ واڌ لاءِ جامع رٿابندي تي زور ڏيندي چيو ته سڀ کان وڌيڪ روينيو ۽ ٽيڪس ڏيندڙ هن شهر جي بنيادي انفرااسٽريڪچر ۾ سڌاري جي ضرورت آهي تاجر برادري چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ لاءِ آئي ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ايند انڊسٽريز ۾ 17هين مائي ڪراچي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي وفاقي حڪومت پاران تازو ئي افتتاح ڪيل گرين لائن رٿا بابت ڳالهائيندي صدر چيو ته هي منصوبو هن شهر جي ماڻهن کي آرام ڏيندڙ ۽ وقت جي بچت واري سفري سهولت فراهم ڪندو شهر ۾ پاڻي جي مسئلي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ڪي فور منصوبي جو مقصد شهر جي روزانو پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ آهي اميد آهي ته هي 2023 تائين مڪمل ٿي ويندو صدر چيو ته ملڪ جي نوجوانن کي هنر تي ٻڌل تربيت ڏيڻ حڪومت جي پهرين مقصدن مان هڪ آهي. ته جيئن روزگار ۽ ڪاروباري صلاحڪيت کي وڌائي سگهجي هن چيو ته حڪومت عورتن ۽ معذور ماڻهن لاءِ مالي ۽ قرض جون سهولتون متعارف ڪرايون آهن ته جيئن جامعه ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي هن وڌيڪ چيو ته اڏاوتي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ سان صنعت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جا کوڙ سارا موقعا پيدا ٿيندا صدر ڪاروباري برادري تي زور ڀريو ته هو چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر هاصل ڪرڻ لاءِ آئي ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري ان کان اڳ اڳوڻي صدر ڪي سي سي آئي زبير موتي والا تاجر برادري کي مڪمل تعاون ۽ حمايت فراهم ڪرڻ تي صدر جو شڪريو ادا ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *