دعوائن ۽ واعدن باوجود حڪومت 2021 دوران به مهانگائي تي ضابطو نه آڻي سگهي

ڪراچي (اين اين آءِ) دعوائن ۽ واعدان جي باوجود حڪومت 2021 دوران به مهانگئي تي ضابطو نه آڻي سگهي اٽو گيهه کنڊ ۽ ڌاليون سڀ کان وڌيڪ مهانگيون ٿيون جڏهن ته ايل پي جي جي گهريلو سريلنڊر جي قيمت ۾ هڪ سال دوران 1022 رپين جو اضافو ٿيو سال 2021 ۾ مهانگائي شهرين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو 20 ڪلو اٽو 200 رپيا، گيهه 143 رپيا هڪ ڪلو تائين مهانگو ٿيو جڏهن ته ڌاليون به عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون سرڪاري انگن اکرن مطابق کند 7 رپيا 53 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي سراسري قيمت 91 رپين کان وڌيڪ رهي جڏهن ته عام مارڪيٽ ۾ کنڊ 140 رپيا ڪلو وڪرو ٿيندي رهي اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 1174 رپيا، مٽن 163 رپيا، بيف 100 رپيا جڏهن ته ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 1022 رپيا مهانگو ٿيو هڪ سال ۾ بجلي 3 رپيا 40 پئسا مهانگي ٿي في يونٽ قيمت 7 رپيا 75 پئسا ٿي وئي. تازو کير 9 رپيا 13 پئسا في ليٽر، ڏهي 11 رپيا، مصور دال، 52 رپيا 86 پئسا في ڪلو، چڻن جي دال 17، ٿوم 43 رپيا 84 پئسا في ڪلو ۽ ڳڙ ساڍا 13 رپيا ڪلو مهانگو ٿيو ٻئي پاسي هڪ سال ۾ دال ماش 42 رپيا 59 پئسا ۽ مڱن جي دال 56 رپيا 20 پئسا في ڪلو سستي ٿي آنا 21 رپيا درجن، ٽماٽر 11 رپيا جڏهن ته بصر 7 رپيا في ڪلو سستو ٿيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *