ڪڻڪ جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار، مهانگائي گهٽائڻ لاءِ صوبائي حڪومتون قدم کڻن: شوڪت ترين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته صوبائي حڪومتون ضروري شين جي اگهن تي ضابطو آڻڻ  لاءِ قدم کڻن. اسلام آباد ۾ شوڪت ترين جي صدارت هيٺ نيشنل پرائس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ضروري شين جي اگهن بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل هفتي دوران ايس پي آءِ ۾ ٻڙي ڏهائي 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته شين جي اگهن ۾ گهٽتائي سان ٻڙي ڏهائي 12 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، 23 شين جا اگهه برقرار رهيا، جڏهن ته 23 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽماٽا، ايل پي جي، بيضا ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦير ڦار  ايل پي جي جي اگهه تي اثر انداز ٿي. اجلاس ۾ ڪڻڪ  جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته پنجاب ۽ سنڌ  ۾ ڪڻڪ جي  پوکائي اطمينان جوڳي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو  ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڏڪار سبب ڪڻڪ جي پوکائي متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته کنڊ جي ذخيرن ۾ بهتري سان اگهن ۾ گهٽتائي ايندي. شوڪت ترين اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته کنڊ جي اگهه ۾ واڌ تي خدشا آهن، صوبائي حڪومتون اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *