سڀني کي ڄاڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي واقعن پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي، ڀارتي وزير جو بيان اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي، اسلام جي نالي تي عورتن، ٻارڙن ۽ بزرگن کي نشانو  بڻائيندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو. شبقدر ۾ ايف سي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته ڀارتي دفاعي وزير جي بيان مان ظاهر ٿي ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي. هن چيو ته جوانن جي شموليت سان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿي ملندي، دشمن اندروني هجي يا پرڏيهي ان کي شڪست ڏيڻ واجب بڻجي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۽ اسلام دشمن قوتون، مسجدن ۽ اسڪولن تي حملا ڪري آسان ٽارگيٽ کي نشانو بڻائي رهيون آهن. چوڌري نثار چيو ته ڀارتي دفاعي وزير جي بيان مان واضح ٿي ويو آهي ته خطي ۾ دهشتگردي ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ان پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي. گهرو وزير چيو ته حڪومت اندروني دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، سياسي، عسڪري قيادت ۽ قوم هڪ پيج تي آهن، بيگناهن کي نشانون بڻائيندڙ کي بخش نه ڪبو. هن چيو ته ملڪ ۾ امن جي بحالي لاءِ پاڪ فوج اڻ کٽ قربانيون ڏنيون آهن، دشمنن جي بزدلاڻين ڪاررواين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. وفاقي گهرو وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ امن ڏسڻ چاهي ٿي، هو ائين نٿو چوي ته سمورن ديني مدرسن ۾ دهشتگردن کي تربيت ڏني پئي وڃي، پر ڪجهه مدرسا اسلام خلاف استعمال ٿي رهيا آهن. وفاقي گهرو وزير چيو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جاري آهي، پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ موت جي منتظر قيدين کي سوليءَ تي ٽنگڻ وارو عمل تيزي سان جاري آهي. چوڌري نثار دفاع واري وزير خواجه آصف جي ڀارتي وزير بابت بيان جي حمايت ڪندي چيو ته ڀارتي دفاعي وزير جي بيان مان واضح ٿي ويو ته ڀارت خطي ۾ امن نٿو چاهي. هن چيو ته اسلام ڪنهن بيگناهه ماڻهو کي مارڻ جي اجازت نٿو ٿئي، دين جي نالي تي پرامن ڪميونٽي کي نشانو بڻائيندڙ مسلمان نٿا ٿي سگهن. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته حڪومت جي سهڪار سان پاڪ فوج دشمنن خلاف آپريشن ضرب عضب ۾ رڌل آهي، هـــــُـو قوم کي دهشتگردي جي ناسور کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ چاهين ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *