بيلاروس جو صدر پاڪستان پهچي ويو،21توپن جي سلامي

اسلام آباد(بيورو) صدر بيلا روس اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٻن ڏينهن جي پاڪستاني دوري تي اسلام آباد پهچي ويو جتي نور خان ايئر بيس تي سندس استقبال وزيراعظم نوازشريف ڪيو. بيلا روس جي وزيراعظم صدر ممنون حسين جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان آيو آهي. رپورٽ مطابق ڪنهن به بيلا روس جي صدر جو پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي .سندس استقبال 21 توپن جي سلامي سان ڪيو ويو.صدر لوڪاشينڪو دوري دوران صدر ممنون حسين ۽ نوزاشريف سوڌو ٻين اهم شخصيتن سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته دوري جي دوران گهڻن ئي اهم معاهدن ۽ يادگيرين تي صحيح ٿيڻ جا امڪان پڻ آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *