سپريم ڪورٽ ۾ ججن سان وڪيل جي ڏند چڪ، چيف جسٽس دليل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو)  سـُپريم ڪورٽ ۾ 18هين ۽ 21هين ترميمن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل حشمت حبيب پاران ججز سخت جملن جي ڏي وٺ بعد چيف جسٽس وڪيل کي دليل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني فل ڪورٽ بينچ 18 هين 21 هين ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار جي وڪيل حشمت حبيب کي آئين جي آرٽيڪل 175 اي بابت دليل ڏيڻا هئا پرهن بنيادي ڍانچي ۽ 18 هين ترميم بابت دليل ڏنا. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ملڪ ۾ صوبو عوام جي ريفرنڊم سان ٺهندو آهي پر 18 هين ترميم کانپوءِ سرحد جو نالو تبديل ڪري  خيبرپختونخواهه رکيو ويو. جسٽس سرمد جلال عثماني ريمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ کي صوبو جو نالو تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي، پارليامينٽ جو نالو به تبديل ڪري سگهي ٿي.  وڪيل حشمت حبيب وڏي آواز ۾ چيو ته پارليامينٽ، پاڪستان جو نالو تبديل ڪيئن ٿي ڪري سگهي، جنهن تي جسٽس سرمد کيس هدايت ڪئي ته هي عدالت آهي، جيڪڏهن توهان کي تقرير ڪرڻي آهي ته پارليامينٽ ۾ وڃي ڪيو. وڪيل حشمت حبيب چيو ته هـُو تميز سان ڳالهائي رهيو آهي، ساڻس  به تميز سان ڳالهايو وڃي. جسٽس سرمد جلال عثماني ريمارڪس ڏنا ته بدتميزي توهان ڪري رهيا آهيو، جسٽس ثاقب نثار وڪيل کي چيو ته جيڪڏهن اهڙي طريقي سان دليل ڏنا ويا ته پوءِ هو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. چيف جسٽس، ججز سان بدتميزي ڪرڻ تي وڪيل هشمت حبيب کي دليل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن بعد وڪيل عدالت مان هليو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *