سڀئي مرد خراب لڳندا هئا، پر سٺن ماڻهن جي کوٽ ناهي: مائلي سائرس

 

ڪراچي (شوبز نيوز) آمريڪي پاپ ڳائڻي مائلي سائرس هلندڙ سال پنهنجي ذاتي زندگي بابت خبرن ۾ رهي، آهي رپورٽون سامهون آيون ته ڳائڻي پنهنجي مڙس کان ڌار ٿي وئي آهي ان کانپوءِ اهي اطلاع هئاته آمريڪي ڳائڻي جا عورت بلاگر ڪيٿلين سان لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي کي رومانس ڪندي ڏٺو ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا جي آسٽريلوي گلوڪار ڪوڊي سمپسن سان لاڳپن جون خبرون سامهون آيون ۽ کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. تازو اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هو ڪوڊي سمپسن سان ڳالهائي رهي هئي. ڳائڻي وڊيو ۾ انڪشاف ڪيو ته هم جنس پرستي طرفان ان لاءِ راغب ٿيس ڇو ته کيس ائين محسوس ٿيندو هو ته سڀئي مرد خراب هوندا آهن. مائلي جو چوڻ هو ته منهنجا دوستو همت نه هارجو، دنيا ۾ سٺا ماڻهو موجود آهن ۽ مونکي اهو ملي چڪو آهي ۽ هو هن وقت مون سان لائيو ڳالهائي رهيو آهي. مائلي سائرس پنهنجي مڙس ليام هيمس ورٿ کان ڌار ٿيڻ جي ٻن مهينن کانپوءِئي آسٽريلوي ڳائڻي سان لاڳاپا قائم ڪري ورتا. واضح رهي ته 26 سالن جي مائلي سائرس ڊسمبر 2018 ۾ هالي ووڊ اداڪار ليام هيمس ورٿ سان ڳجهي نموني شادي ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *