اسلامي تاريخ جي حقيقي تصوير ڏيکاريندڙ ترڪش سيريز دريليس ارطغرل جي پوري دنيا ۾ هاڪ

 

حيدرآباد(شوبز نيوز) پوري دنيا ۾ ترڪ گيم آف ٿرونز جي نالي سان سڃاتي ويندڙ دريليس سيريز عالمي مقبوليت رکي ٿي ۽ 60 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ان ٽي وي شو جي مداحن جو هڪ وڏو تعداد ملي ٿو، اهو شو نه صرف اوڀر ۾ وکريل مسلمانن ۾ مقبول آهي پر اهو وچ اوڀر، ڏکڻ آفريڪا ۽ حيرت جوڳي طور تي ڏکڻ آمريڪا ۾ پڻ زبردست مقبوليت گڏ ڪري رهي آهي.وينزويلا جو صدر نڪولس مدورو به ان ٽي وي سيريل جو تمام وڏو مداح آهي ۽ هاڻوڪن ڏينهن ۾ شو جي سيٽ تي سندس اچڻ جي موقعي تي کيس خوشگوار موڊ ۾ ترڪ ويڙهاڪ يا الپ جي ٽوپي پاتل ڏٺو ويو.دريليس جو ليکڪ ۽ تخليق ڪندڙ محمد بزداگ هڪ مڃيل فلم ساز آهي، جنهن جا ترڪي جي قدامت پسند حڪمران پارٽي اي ڪي پي پارٽي سان لاڳاپا آهن، هن ڀلي مهارت سان روايتي اسلامي عقيدن کي پنهنجي حياتي خطرن ۾ وجهي برائي خلاف وڙهندڙ هيرو جي ڪهاڻي سان گڏائي جهڙي طرح هن شو وسيلي پيش ڪيو آهي اها ئي ان جي ڪاميابي جي چاٻي آهي.اعليٰ معيار رڪندڙ پروڊڪشن قدر، پنهنجي ڪردارن کي سنجيدا وٺندڙ باصلاحيت اداڪار ۽ هڪ ڊائريڪٽر جنهن کي اها خبر آهي ته هر شو جي هر قسط کي ڪهڙي طرح دلچسپ بڻايو وڃي ته ڏسندڙ آخري وقت تائين ٽي وي اسڪرين مان اکيون نه هٽائي سگهن اهي ئي اُهي خاصيتون آهن جيڪي هن شو جي عادت ڏسندڙن ۾ پيدا ڪن ٿيون.شو جي هڪ خاص ڳالهه ان ۾ ڏيکاريون ويندڙ ويڙهون آهن ۽ پيشڪار ان معاملي تي بيجٽ جي پرواهه ناهي ڪئي جنهن جو اندازو اوهان ان ڳالهه مان لڳائي سگهي ٿو ته ادارن جي تربيت ۽ خراب ماڻهن سان ٿيندڙ هر ويڙهه جي موقعي تي ڪوآرڊينيشن لاءِ هالي ووڊ جي اسسٽنٽ ٽيم نوميڊ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. سلطنتن جي چوواٽن جي پس منظر تي ٻڏل ان شو ۾ ارطغرل غازي جي شخصيت، سندس خاندان ۽ دوستن تي توجهه رکيل آهي.ان ڪردار جي باري ۾ ڳالهائيندي اداڪار انجن التان دوسيتان چيو ته هو دنيا تي 600 حڪمراني ڪندڙ سلطنت عثمانيه جي باني غازي عثمان غازي جو والد هو، اصل ۾ اسان وٽ ان دور جي باري ۾ ڄاڻڻ لاءِ گهڻا حوالا ناهن اسان وٽ حوالن جي لحاظ کان صرف 7 صفحا موجود آهن، اسان اهو ڄاڻون ٿا ته هو حقيقي هيرو هو، ان جي لاءِ حدون رڪاوٽ نه بڻيون.تاريخي پس منظر ۾ تيار ڪيل فلمن يا ڊرامن ۾ مسلمانن جي عڪاسي وحشين يا ظالمن جي طور تي ڪئي ويندي آهي، مسلمان ملڪ يا ته جنگ نامن تي ٻڌل مواد تيار نه ٿا ڪري سگهن يا وري فلمسازن ۾ تاريخ جي معاملي ۾ توجهه جي کوٽ نظر ايندي آهي، جتوڻيڪ ڪلونيل، اولهندو نظريو غالب نظر ايندو آهي ۽ لڳاتار ان مواد کي ورجائڻ جي ڪري هڪ حد تائين ڏسندڙن جي سوچ به ان خاص نظرئي موجب ٿي ويندي آهي.جيڪڏهن اوهان دريليس جو گهرائي سان جائزو وٺو ته اوهان ڏسندو ته ان سيريل جي هر قسط ۾ روحاني ۽ زندگي جا سبق سکڻ لاءِ ملندا آهن ڇو ته اهو شو مرڪزي ڪردارن کي اخلاقي خرابين ۽ انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ٿو.هڪ ٻي خاص ڳالهه عالمن يا مذهبي دانشورن جي ڪردارن جو استعمال آهي، شروعاتي سيريز ۾ مشهور اسلامي دانشور ۽ صوفي ابن عربي جو ڪردار ارطغرل کي صلاح ڏيندي نظر اچي ٿو جڏهن ته سيريز ۾ اڳتي وڃي مقامي امام يا خواجا جو ڪردار انهن جي رهنمائي ڪندي نظر اچي ٿو.هن سيريز جتي پوري دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي پر پاڪستان ۾ به تمام گهڻي پذيرائي حاصل ڪئي آهي هاڻوڪن ڏينهن ۾ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان به هڪ تقريب دوران ان سيريز جو ذڪر ڪندي پوري پاڪستاني قوم کي هدايت ڪئي ته ان سيريز کي ڏسو ۽ مسلمانن جي تاريخ بابت ڄاڻيو جڏهن ته هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته شوبز انڊسٽري تي پڻ زور ڏنو ته اهڙا ڊراما اسان جي ملڪ ۾ پڻ ٺهڻ گهرجن. جڏهن ته ان کان اڳ پاڪستاني ڪرڪيٽر شاهد آفريدي به هڪ ٽوئيٽ وسيلي ان شو جي تعريف ڪندي نظر آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *