معظم عباسي اسيمبلي پهتو، ڊپٽي اسپيڪر اجلاس قورم پورو نه هئڻ جو بهانو ڪري ملتوي ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي ميمبرن پاران سخت احتجاج

ڪراچي (اين اين آءِ) لاڙڪاڻي مان جي ڊي اي جو نئون چونڊيل سنڌ اسيمبلي ميمبر معظم علي عباسي اسيمبلي پهتو، پي ٽي آءِ، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم جي ميمبرن شاندار آجيان ڪئي، لاڙڪاڻي جو غازي معطم عباسي جهڙا نعرا ميمبرن هنيا ۽ گلن جا هار پارايا، معظم علي عباسي سنڌ اسيمبلي ۾ حلف کڻڻ پهتو هو، سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس قورم پورو نه هئڻ جو بهانو ڪري ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن تي پي ٽي آءِ، جي ڊي اي جي ميمبرن سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي، سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته پ پ کي لاڙڪاڻي مان هارائڻ جو اڃا خوف ختم نه ٿيو آهي، اڄوڪي تقريب ۾ جيڪي پاس جاري ڪيا ويا هئا خوف جي ڪري ڪينسل ڪيا ويا، پ پ جو لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ مان خاتمو ٿي چڪو آهي، اڄ زرداري ليگ کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي ڌرتي سندس پيرن هيٺان نڪري وئي آهي، اڄ پ پ جي اکين ۾ هڪ خوف هو جنهن سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويو، پ پ لاڙڪاڻي کي ايڊز جو مرض ڏنو، ٿر جي ٻارن کي موت ڏنو ان ڪري عوام هاڻ پ پ مان بيزار ٿي ويو آهي، لاڙڪاڻي معظم عباسي ايم ايم اي کي ناهي هارايو پر هڪ سي ايم جي اميدوار کي هارايو آهي، فردوس شميم چيو ته اسان جي سپاهي معظم عباسي 2 ڀيرا لاڙڪاڻي ۾ پ پ کي هارايو آهي، سموري اپوزيشن کي مبارڪ ڏيان ٿو، پ پ جو قلعو عباسي خاندان فتح ڪيو آهي، هاڻ سڄي سنڌ مان پ پ جي تڏا ويڙهه ٿي رهي آهي، اڄ هي ڊنل آهن جنهن سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، جيئن لاڙڪاڻي ۾ بيهي نه سگهيا اڄ اسيمبلي مان به ڀڄي ويا آهن. هي سنڌ جا قاتل آهن، سنڌ کي تباهه ڪرڻ وارا آهن، هنن اسپتالن کي تباهه ڪيو آهي، سڄي سنڌ کي گند جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي، زرداري ليگ جي ماڻهن کي اسان سنڌ مان ڪڍي ڇڏينداسين، جي ڊي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته مان ٿورائتو آهيان پي ٽي آءِ جي ميمبرن جو جن آجيان ڪئي آهي، جيڪي ماڻهو چاهيندا هئا ته معظم عباسي سنڌ اسيمبلي کان ٻاهر هجي انهن جا ارادا ناڪام ٿي چڪا آهن، معظم عباسي جي فتح لاڙڪاڻي جي عوام ۽ سنڌ جي عوام جي فتح آهي، هن وڌيڪ چيو ته مان پارليامينٽرين رهيو آهيان، اجلاس شروع ٿيڻ کانپوءِ ٻن ٻن ڪلاڪن تائين انتظار ڪيو وڃي ٿو، قورم پورو هجڻ لاءِ اڄ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 15 منٽن جو انتظار نه ڪيو، مان عرض ڪريان ٿو ته انهن کان معظم عباسي جي فتح برداشت نٿي ٿئي، هنن محترمه بينظير ڀٽو جي ٻارن سميت تير، مير سڀني کي ننڍي چونڊ ۾ لاٿو پر انهن هارايو، لاڙڪاڻي ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ٿيڻو وارو آهي، هيءَ شروعات آهي، منهنجي درخواست آهي ته پنهنجي شڪست قبول ڪن ۽ معظم عباسي جي فتح کي قبول ڪن، معظم عباسي چيو ته الله سائين جو شڪر ادا ڪريان ٿو ۽ لاڙڪاڻي جي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن مون تي اعتماد ڪيو، پي ٽي آءِ جي ميمبرن جو ٿورائتو آهيان جن منهنجو استقبال ڪيو، لاڙڪاڻي جي چونڊ هڪ اميدوار جي نه پر سڄي سنڌ حڪومت اڳيان هئي، پ پ پنهنجا اميدوار مير پير سڀ اليڪشن ۾ لٿل هئا، عوام سڀني کي رد ڪري ڇڏيو آهي، کين احساس ٿيڻ گهرجي ته پ پ 12 سالن ۾ عوام سان ناانصافيون ڪيون آهن، بلاول ڀٽو 14 مهينن کان هن تڪ مان ايم اين اي ٿيو آهي پر عوام کي ڪا به سهولت نه آهي، لاڙڪاڻي ۾ پيئڻ جو پاڻي نه آهي، اسپتالون ويران، اسڪولن ۾ سهولتون نه آهي، سموري ذميواري بلاول ڀٽو جي آهي، هڪ ميمبر جي ووٽ وٺڻ تي سڄي سنڌ حڪومت ڊنل آهي، پ پ وٽ جيڪو نظريو عوام جو هو اهو ختم ٿي چڪو آهي، هاڻ عوام کين رد ڪري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *