سپلاءِ چين ڪورونا سان ڊسٽرب ٿي، ڏکيائيون وڌيون، پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 240 رپيا هجڻ گهرجي: شوڪت ترين

لاهور (اين اين آءِ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي حساب سان هن وقت پيٽرول جي قيمت 240 رپيا هئڻ گهرجي پر حڪومت ان جو بار برداشت ڪري رهي آهي ۽ ان مد ۾ هر مهيني 104 ارب رپيا ڏيڻا پون ٿا اسان جي اڪانومي جي پيداواري صلاحيت گهٽ آهي 22 ڪروڙ ماڻهن مان رڳو 30 لک ماڻهو ٽيڪس جمع ڪرائين ٿا اسان اهڙن لکين ماڻهن جو رڪارڊحاصل ڪري ورتو آهي جيڪي ڪابل ٽيڪس  آمدني هجڻ جي باوجود ٽيڪس نٿا ڏين پر هاڻي اهي ٽيڪس چوري کان بچي نٿا سگهن. ڪسٽمز ۾ به اربين رپين جي غلط انوائسنگ ٿئي ٿي چين کي چيو آهي ته اسان کي پنج سالن ۾ 10 ملين نوڪريون، چين کي زراعت جي حوالي سان مدد لاءِ چيو 40 لک گهراڻن لاءِ خاص پئڪيج ٺاهي ورتو آهي ۽ ايندڙ پنجنس الن ۾ 1.6 کرب رپيا ورهائينداسين جنهن سان ڪاروبار وڌي اهڙن خيالن جواظهار هن لاهور ۾مختلف تقريبن دوران خطاب ڪندي ڪيو شوڪت ترين چيو ته ڪرونا سبب سپلاءِ چين متاثر ٿي ان کان پوءِ يوڪرائين جو مسئلو اچي ويو آهي 4 هزار ڊالر کان ڪرايو 16 هزار ڊالر ٿي ويو جنهن جي ڪري ڏکيائيون وڌيون اسان زراعت جي پنج کان ڇهه سيڪڙو گروٿ چاهيون ٿا اسان جي ناڻي روانگي ۽ گروٿ سان بهتري ايندي حالتون ٺيڪ رهنديون اسان وٽ چئن مهينن جو رزور آهي اسان جو مسئلو رڳو مهانگائي آهي پيٽرول جون قيمتون گهٽ ٿيڻ سان مسئلا حل ٿي ويندا معيست پنهنجن پيرن تي بيهندي شوڪت ترين چيوت ه 60 جي ڏهاڪي ۾پاڪستان جي معيشت جي مضبوط رٿابندي هئي اسان 60 جي ڏهاڪي ۾ صنعتڪاري طرف وڃي رهيا هئاسين ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي رهيو هو پر پوءِ اسان پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هڻڻ شروع ڪري ڇڏي 70 جي ڏهاڪي ۾ اسان صنعت کي نيشنللائيز ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ان سان اسان جي معاشي ترقي جي رفتار گهٽجي وئي اسان ڪنهن ٻي جنگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿيو مشرف جي دور ۾ اسان جي معيشت ڪجهه مضبوط ٿي اسان کي پنهنجي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ مجبوري ۾ آئي ايم ايف وٽ وڃڻو پيو اسان جي امپورٽ وڌي وئي جڏهن ته ايڪسپورت گهٽجي وئي ڪرونا جي ڪري اسان جي معيشت کي هڪ دفعو ٻيهر وڏو ڌڪ لڳو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *