اسلام آباد ۾ 10 ڀيرا وڏو جلو ڪري ڏيکارينداسين: راجا پرويز اشرف عمران خان جو چئلينج قولي ورتو

اسلام آباد(م.ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف وزيراعظم عمران خان جو چئلينج قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيو نيوز سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي راجا پرويز اشرف چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو چئلينج قبول آهي، مخالف ڌر اسلام آباد ۾ 10 ڀيرا وڏو جلسو ڪندي. لڳي ٿو ته هڪ زرداري سڄي حڪومت شيري رحمان تي ڳرو وزن رکي ڇڏيو آهي هن چيو ته جنهن ڏينهن وزيراعظم اسلام آباد ۾ اجلاس ڪندو، ان ئي ڏينهن اجلاس به سڏائينداسين. راجا پرويز اشرف وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي ميمبرن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، مخالفن تي الزام هڻڻ عمران خان کان باز نه ايندو. هن چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن وٽ نمبر ئي ناهن ته پوءِ ايترا پريشان ڇو آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *