سلائي مشين تي ڪم ڪندڙ معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا: عليمه خان جو بلاول کي جواب

لاهور: (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته سلائي مشين تي ڪم ڪندڙ معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان، ان جي والد اڪرام الله نيازي، خاتول اول بشريٰ بي بي ۽ ان جي ڀيڻ عليمه خان کي تنقيد جو نشانو بنايو هو. بلاول ڀٽو زرداري عليمه خان کي سلائي مشينن جي نالي تي اثاثا ٺاهڻ جي حوالي سان تنقيد جو نشانو بنايو هو. ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار شهباز گل جو به بيان سامهون آيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته بلاول ڀٽو طرفان گهريلو عورتن کي نشانو بنائڻ انتهائي شرمناڪ آهي جيڪڏهن بلاول گهريلو عورتن کي نشانو بنائيندو ته کيس سخت جواب ڏنو ويندو. هاڻ ان حوالي سان عليمه خان به خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو منهنجي والد تي الزام لڳائڻ کان اڳ حقيقتن جي ڄاڻ رکي. منهنجو والد هڪ ايماندار ۽ معزز شخص هو والد 1060ع ۾ نوڪري ڇڏي انجنيئرنگ ڪمپني ٺاهي عليمه خان وڌيڪ چيو ته جڏهن منهنجي والد نوڪري ڇڏي ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو وڪالت ڪندو هو. بلاول کي مخاطب ٿيندي عليمه خان چيو ته بلاول پٽ توکي اڃان پاڪستان جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ وٺڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي مٿان تنقيد جي حوالي سان عليمه خان چيو ته 1994ع کان منهنجو ٽيڪسٽائيل جو واپار آهي. ٽيڪسٽائيل جون معياري شيون لکين مزدور سلائي مشينن تي ئي ٺاهيندا آهن. عليمه خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سڀني کان وڏي ٽيڪسٽائيل جون شيون ان ئي مشينن جي بدولت آهن. ڏک جي ڳالهه اها آهي ته سلائي مشينن تي ڪم ڪندڙ جو ميڊيا تي مذاق اڏايو پيو وڃي. سلائي مشين تي ڪم ڪندڙ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *