عدالتي گهيرو ڪيس: وڏي وزير کي پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي لاءِ 3 ڏينهن جي مهلت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ چيف سيڪريٽري کي وڏي وزير سان ملي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ چيف سيڪريٽري کي وڏي وزير سان ملي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت چيو آهي ته جيستائين ذميوار عملدارن خلاف جوڳي ڪارروائي نه ٿي ٿئي ته ڪيس جي ڪارروائي نه هلائي ويندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس سعيد الدين ناصر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي گيٽ تي نقاب پوش پوليس اهلڪارن جي صحافين ۽ ذوالفقار مرزا جي حامين تي تشدد بابت توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هلائي.ٻڌڻي شروع ٿي ته آءِ جي سنڌ  سميت سمورن آفيسرن هڪ ڀيرو ٻيهر قسم ناما جمع ڪرائندي غير مشروط معافي طلب ڪئي، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي چيو ته سمورن آفيسر پاڻ کي عدالت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو آهي. هن چيو ته روزانو سينيئر پوليس آفيسرن جو ميڊيا ٽرائل ٿئي ٿو، جنهن سان دهشتگردن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي. عدالت چيو ته وڏي وزير عدالت تي حملي ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي، ڪنهن سندس هٿ ٻڌا هئا؟ عدالت سوال ڪيو ته جيئن عدالت تي حملو ٿيو، جيڪڏهن وڏي وزير تي به اهڙو حملو ٿئي ها ته هو ڇاڪري ها؟ عدالت چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي وڏي وزير سان ملي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ چوي، جيستائين واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي، ڪيس جي ڪارروائي نه هلائي ويندي. ايڊوڪيٽ جنرل فتاح ملڪ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته وڏي وزير معاملي جو نوٽيس ورتو آهي، ڪارروائي ان ڪري نه ڪئي وئي جو معاملو عدالت ۾ هو.  عدالت ڪيس جي ڪارروائي سومر تائين تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *