سپريم ڪورٽ قومي احتساب بيورو کان 50 ميگا اسڪينڊلز جو تفصيل طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قومي احتساب بيورو کان 50 ميگا اسڪينڊلز جو تفصيل طلب ڪري ورتو جڏهن ته جسٽس جواد ايس خواجه چيو آهي ته ملڪ ۾ بدعنواني جو واويلا آهي نيب خاموش آهي اڱاري تي احتساب بيورو ۾ بدانتظامين ۽ بي ضابگين بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪئي جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته قوم بدعنواني جون ڳالهيون ڪري ٿڪجي پئي آهي ڪراچي ۾ بدعنواني جو واويلا ٿي رهي آهي ۽ نيب خاموش آهي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته ڇا نيب کي ڪراچي ۾ چائنا ڪٽنگ جي ڪا شڪايت ناهي ملي نيب ۾ 75 سيڪڙو شڪايتون پلي بارگين جي نتيجي ۾ ختم ٿي وڃن ٿيون نيب پاران جوابدار ڇڏڻ جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي سپريم ڪورٽ نيب کان اسلام آباد ڪراچي ۽ لاهور ۾ بدعنواني جي 50 ميگا اسڪينڊلز جو تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي ته مالياتي بدعنواني قبضا مافيا اختيارن کان وڌيڪ ڪيٽيگريز ۾ ميگا اسڪينڊز جو تفصيل چيئرمين نيب جي صحيحن سان جمع ڪرايو وڃي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *