ڪراچي ۾ گرمي وڌيڪ 19 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، انگ 1247 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ گرميءَ وڌيڪ 19 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، 11 ڏينهن دوران فوتين جو انگ وڌي 12 سئو 47 ٿي ويو، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به گرميءَ سبب حياتيون وڃائيندڙن جو انگ هڪ سئو پنج ٿي ويو آهي. سنڌ جَي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ گرمي ۽ لوڊشيڊنگ سبب قيمتي جانين جي زيان جو سلسلو جاري آهي. عباسي شهيد ۽ جناح اسپتالن ۾ گرميءَ وڌيڪ 13 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته سول اسپتال ۾ وڌيڪ 3 مريض گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا. سنڌ گورنمينٽ اسپتال ڪورنگي ۾ 2 ۽ سنڌ گورنمينٽ اسپتال نارٿ ڪراچي ۾ هڪ مريض فوت ٿيا. وڌيڪ 19 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد 11 ڏينهن اندر حياتيونوڃائيندڙن جو انگ وڌي 12 سئو 47 ٿي ويو آهي،جڏهن ته مختلف اسپتالن ۾ سوين مريضن جو علاج هلندڙ آهي. صوبي جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به هيٽ اسٽروڪ سبب حياتيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. ٺارو شاهه ڀرسان ڳوٺ مٺو سولنگي ۾ 53 ورهين جي اميران سولنگي ۽ ڳوٺ ڪوڙيجا ڀان ۾ 70 ورهين جو يعقوب سولنگي گرمي جي سٽ سهندي فوت ٿي ويا. موهن جي دڙي جي علائقي جهنڊو سيهڙو جو رهواسي محمد بخش ٻگهيو گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. وڌيڪ ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي هڪ سئو پنج ٿي ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *