گرفتار جوابدار محسن علي ڊاڪٽر عمران فاروق کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو

ڪراچي (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم جي مقتول اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جي الزام ۾ گرفتار جوابدار محسن علي ڊاڪٽر عمران خان جي قتل جو اعتراف ڪري ورتو آهي اعترافي بيان پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن کي ڏنو ذريعن مطابق جوابدار محسن علي پنهنجي اعترافي بيان ۾ سيڪيورٽي ادارن کي ٻڌايو ته عمران فاروق کي قتل ڪرڻ جو ٽاسڪ برطانيا کي ڏنو ويو جڏهن ته قتل جي رٿابندي به برطانوي يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ ڪئي ويئي محسن علي سيڪيورٽي ادارن کي ٻڌايو ته رٿابندي ۾ محمد ڪاشف ۽ هڪ ٽيون شخص شامل هو محسن علي پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو ته جوابدارن کي اسٽيڊي ويزائن تي برطانيا اماڻيو ويو ڪاشف جعلي برطانوي پاسپورٽ تي سفر ڪيو ملزم ٻڌايو ته واردات کان پوءِ پاڪستان روانو ٿيو واضح رهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪجهه ڏينهن اڳ محسن ۽ خالد شميم کي چمن جي افغان بارڊر تان گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *