سپريم ڪورٽ شريف خاندان جون بند شگر ملون کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، هر مهيني اڪائونٽن جا تفصيل ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ شريف ڪٽنب جون بند شگر ملون کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ ڪمند جي خريداري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار شريف خاندان جون بند شگر ملون کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جهانگير ترين جي شگر مل جي ڊيبليو جي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته عدالت ملن کي کولي ٿي ته بند ڪرڻ جي تاريخ به مقرر ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته ملن کي بند ڪرڻ جي تاريخ اسان مقرر ڪيون؟ اسان ته هارين جي مفاد ۾ ملون کولي رهيا آهيون، جهانگير ترين جي ڊڪٽيشن تي ملون بند نه ڪنداسين، هر مهيني ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪنداسين، کلندڙ ملون پنهنجي اڪائونٽن جي تفصيل ڏين، هارين کي نقصان نه ٿيڻ گهرجي.  اعتزاز احسن چيو ته ڪمند جي ڪريشنگ اپريل کان پوءِ به ڪندا رهدنا، ڪمند جو وزن شگر مل جي اندر ئي توريو ويندو آهي، ڏکڻ پنجاب ۾ وزن تورڻ وارا ڪانٽا ناهن، جنهن جو ريٽ ايندو ان کان ڪمند خريديو ويندو. هارين جي وڪيل چيو ته اسنا 160 رپيا ريٽ ڏئي ڇڏيو ۽ شگر ملون پڪ اپ پوائنٽ تان ڪمند خريدن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته شگر ملون ڪمشنر جي مختص ڪيل پوائنٽ تان ڪمند کڻنديون، هارين جون ٽراليون جيترا ڏينهن شگر ملن ٻاهران بيٺل رهنديون، خرچ شگر ملون برداشت ڪنديون. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته شگر ملون پڪ اپ پوائنٽن کان ڪمند خريدڻ ۽ رقم ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *