حديبيه ڪيس ٻيهر سپريم ڪورٽ کڻي وينداسين، عدليه جي حمايت ۾ جلسو ڪبو: عمران خان جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هو سڄي ملڪ ۾ مهم هلائيندو ۽ عدليه جي حمايت ۾ ن ليگ جي سڀني جلسن کان وڏو جلسو اسلام آباد ۾ ڪندو. پاناما ڪيس ۾ ايتريون شيون هيون ان ڪري اقامي تي فيصلو نه اچڻ گهرجي ها. هن نون ثبوتن تحت حديبيه پيپر ملز ڪيس ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو ته اهي پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ پاڪستان سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن اهو دشمن به نٿو ڪري سگهي، ڪنهن ملڪ کي ختم ڪرڻو آهي ته ان تي بمباري جي ضرورت ناهي، ادارن جي تباهه ٿيڻ سان ملڪ تباهه ٿي ويندو. جيڪڏهن ادارا ٺيڪ هوندا ته نواز شريف کي نيب پڪڙي چڪي هجي ها، ڏکڻ آفريقا جي صدر زوما کي سندس پارٽي فارغ ڪري ڇڏيو پر هتي انهن ادارا تباهه ڪري ڇڏيا. هن چيو ته انهن نيب ۾ پنهنجا ماڻهو آندا جنهن قوم جو پيسو ڪڍرائڻ بدران کين تحفظ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو، ايف بي آر جي اندر انهن ڪيسن جا ڪيس آهن پر هو انهن جي ٽيڪس چوري ۾ مدد ڪندا آهن، ناڻي واري وزير انهن جي مني لانڊرنگ ۾ مدد ڪندو رهيو،  اسان جو پرڏيهي وزير دبئي جي ڪمپني مان 16 لک رپيا ماهوار پگهار وٺندو رهيو، ملڪ جو وزير اعظم ايل اين جي جي اندر ڦاٿل آهي. اها هڪ مافيا آهي جنهن جي مٿان گاڊ فادر ويٺل آهي، هيٺيان ماڻهو چاهن ٿا ته نواز شريف کي پڪڙيو نه وڃي ڇو ته جيڪڏهن اهو پڪڙيو ويو ته سڀ پڪڙا ويندا. هن چيو ته جڏهن سپريم ڪورٽ يوسف رضا گيلاني کي خط لکڻ جو چئي رهي هئي ته نواز شريف کي عدليه وڻندي هئي پر هاڻ انهن خلاف عالمي سازش ٿي وئي،  انهن جي سموري ڪوشش پاڻ کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان بچائڻ لاءِ آهي. پاناما ڪيس جي فيصلي تي هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ نواز شريف کي ڪوڙ تي جيل ۾ وجهڻ گهرجي ها، قطري خط جي سامهون اچڻ سان ڪيس بيهي وڃي ها ۽ نواز شريف انهيءَ ڏنهن جيل ۾ وجهڻ گهرجي ها. هن حديبيه پيپر ملز ڪيس ٻيهر سپريم ڪورٽ کڻي وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف نون ثبوتن تحت حديبيه پيپر ملز ڪيس کي ٻيهر سپريم ڪورٽ کڻي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *