احتساب عدالت: نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر جون حاضري کان ڇوٽ واريون درخواستون رد ڪيون ويون آهن. احتساب عدالت جج محمد بشير اعواڻ حاضري کان ڇوٽ واريون درخواستون رد ڪرڻ وارو حڪم حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب گهرواري جي بيماري کي عدالت کان حاضري جي ڇوٽ جو جواز نٿو بڻائي سگهجي، ويڊيو لنگ بيان وقت لنڊن وڃي اٽارني مقرر ڪرڻ جو به جواز ناهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيڪل رپورٽ موجب ڪلثوم نواز جون 6 ڪيموٿراپيون ٿي چڪيون آهن ۽ ڊاڪٽر جي رپورٽ موجب مريض جي بيماري تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي جڏهن ته ڪينسر جو رسڪ گهٽ  ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ علاج لاءِ ريڊيو ٿراپي تجويز ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *