مهانگائي ۽ گئس بحران خلاف 17 ڊسمبر تي پ پ ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ احتجاج ڪندي، بلاول ڀٽو جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مهانگائي ۽ گئس بحران تي ڪراچي ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهانگائي ۽ گئس بحران خلاف 17 ڊسمبر تي پ پ ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ احتجاج ڪندي، جڏهن ته 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين. هن چيو ته هر پاڪستاني ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، آءِ ايم ايف ڊيل ائين ئي هلندي رهي ته عوام تڪليف ۾ هوندو، حڪومت جي غلط معاشي پاليسين جو بار عوام تي آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ جون سياسي، حڪومتي سطح تي ڪوششون سڀني جي سامهون آهن، پ پ سچي نيت سان محنت ڪري رهي آهي، ڄاڻون ٿا ته ڏکيائيون به آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪيون.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حوڪمت جو هر سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪري رهيا آهيون، ڪراچي کي سنڀالي ٿا سگهون، ان کي حق ڏياري ٿا سگهون، ڪوشش آهي ته پ پ جي حڪومت وفاقي سطح تي قائم ٿئي. پ پ چيئرمين موجب اسان جي سياسي نظام جي ڪاميابي آهي ته مڪاني حڪومت جو مدو پورو ٿي ويو، نئين قانون سازي ۾ گذريل نظام کان وڌيڪ ذميواريون ڏنيون پيون وڃن، نئين قانون تحت پراپرٽي ٽيڪس نظام مڪاني حڪومت کي ڏئي رهيا آهيون، پراپرٽي ٽيڪس سان مقامي ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهندا. هن چيو ته صحت، تعليم، لوڪل پوليسنگ مڪاني حڪومت کي جوابده هوندي، واٽر بورڊ، ويسٽ مئنيجمينٽ مڪاني حڪومت کي جوابده هوندي، اميد ته ان نظام سان ڪراچي کي وڌيڪ فائدو ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *