ڪراچي سميت سنڌ ۾ سانوڻي جو وسڪارو، روڊ رستا ٻڏي ويا، مواصلاتي نظام درهم برهم، ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 فوت

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات دوران بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ صبح جو ئي تيز برسات شروع ٿي وئي. نيو ڪراچي، سرجاڻي ٽائون، شاهراهه فيصل، ايئرپورٽ، ڊالميا، يونيورسٽي روڊ، گلشن اقبال، فيڊرل بي ايريا، ڪلفٽن، صدر، ماڊل ڪالوني، قائد آباد، ماروي ڳوٺ، گرين سٽي، گلشن حديد، ملير ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان تيز ۽ هلڪي برساتي ٿي رهي آهي. برسات دوران نيو ڪراچي، قائد آباد، پهلوان ڳوٺ، صفوران ڳوٺ، لانڍي ۽ ٻين علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ميانوالي ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان وسڪارو ٿيو آهي، موسم خوشگوار ٿي وئي. ڪوٽڙي ڪبير ۽ آسپاس گجگوڙ سان برسات دوران گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏهن ته بدانتظامي سبب رستن ۽ گهٽين تي پاڻي بيهجي ويو آهي. خانواهڻ، محرابپور، قاضي احمد، ڪنڊيارو، محبت ديرو، ڪمال ديرو ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ تيز هوا سان برسات پئي آهي. اُنهن علائقن ۾ نالا بند هجڻ ڪري برساتي پاڻي رستن ۽ گهٽين تي بيٺل آهي. جهڏو ۾ برسات دوران پيرسن گداگر عورت اوطاق ۾ پناهه ورتي ته اوچتو ڇِت ڪرڻ سبب دٻجي وئي، علائقي واسين ملبي مان عورت جو لاش ڪڍي ورتو. ٽنڊو ڄام جي ورڪشاپ ڪالوني ۾ نوجوان وڪاش ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. ڪنڊيارو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات دوران ڪچن گهرن جون ڀتيون ۽ ڇِتيون ڊهي پيون. ڳوٺ پڪا گهانگهرا ۾ گهٽيءَ ۾ بيٺل نينگر مٿان ڀِت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ورهين جو نينگر راشد ولد محمد گهانگهرو فوت ٿي ويو. شهباز ڪالوني ۾ جمن جتوئي ۽ عليم جتوئي جا گهر ڊهي پيا، جڏهن ته هوٽل جي ڇِت ڪرڻ سبب فقير پانڌي کوسو زخمي ٿي پيو.
جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات پئي آهي، جنهن ڪري بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو. پکو ۽ ڀرپاسي وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي. ملڪاڻي شريف، کاهي، سيوهڻ ۽ شاهپور جهانيان توڙي ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات پئي آهي. برسات سبب جلي بند ٿي وئي، جڏهن ته فصل به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. برسات دوران هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن ڪري رهواسين کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.
حيدرآباد ۾ تيز هوا سان برسات کانپوءِ بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو، جنهن ڪري شهرين کي پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. گذريل برساتن ۾ به بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿيڻ ڪري انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، شهرين ڪيترن ڏينهن تائين ٻٽي عذاب کي منهن ڏنو. گپچاڻي ۽ شهدادپور ۾ به برسات پئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *