وزير اعظم سان چوڌري نثار جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ چوڌري نثار ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي مجموعي صورتحال ۽ سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، چوڌري نثار چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان فيض آباد جي هنڌ وٽ لڳل ڌرڻي سبب راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسلام آباد جي مصروف رستا ۽ راولپنڊي اسلام آباد کي ملائيندڙ اهم هنڌ تي لاقانونيت ۽ عوام کي پريشان ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، حڪومت اهو مسئلو جلد کان جلد حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي، هن چيو ته موٽر وي تي ميٽرو اسٽيشن پراجيڪٽ جي تعمير ۾ سستي سان ڪم جو سبب نه صرف لاڳاپيل آبادين پر سڄي ملڪ مان ايندڙ شهرين کي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اڏاوتي عمل کي تيز ڪرڻ سان گڏ ضروري آهي ته شهرين کي متبادل رستا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن انهن جون پريشانيون ختم ٿي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *