سينيٽ ۾ حميد گل جي بيان خلاف سينيٽرز پاران آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني چيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي جو مطلب اهو نه آهي ته ڪنهن به لائسنس ڏيئي ڇڏجي گذريل ڏينهن کان اڳ تائين آئين پارليمان ۽ جمهوري نظام کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي پارليمان هن معاملي کي سنجيده نه پئي وٺي هن شخص جو بيان جمهوري عمل کي هڪ دفعو ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي دعوت آهي هي سراسر آئين جي خلاف ورزي آهي جڏهن ته سينيٽ ميمبرن جنرل رٽائرڊ حميد گل جي بيان تي ان جي خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڪجهه ميمبرن موقف اختيار ڪيو تها ن جي بيان کي ايتري اهميت نه ڏني وڃي جمعي تي سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر عثمان الله ڪاڪڙ چيو ته جنرل رٽائرڊ حميد گل جو انٽرويو شايع ٿيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته آئين کي منسوخ ڪري فوج اقتدار سنڀالي قرارداد مقاصد جي هوندي سياسي جماعتن جي ضرورت نه آهي سينيٽر عثمان الله ڪاڪڙ چيو ته جنرل حميد گل جو ماضي هن ملڪ جي سب جرنيل ۽ عوام کي معلوم آهي حميد گل دهشتگردي جي حوالي سان سب کان وڌيڪ ذميوار آهي بنيادي طور تي هو دهشتگردن جو سرپرست آهي افسوس آهي جو هڪ پاسي ضرب عضب ٿي رهيو آهي ٻئي پاسي نيشنل ايڪشن پلان موجود آهي ان جي باوجود ان کي نه ئي ڪنهن عدالت طلب ڪيو ۽ نه ئي ان جو بيان آئين ۽ قانون جي لتاڙ جي زمري ۾ آيو هن چيو ته پارليمينٽ گڏيل طور تي مطالبو ڪري ته حميد گل جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي ميڊيا به ان کي پرموٽ ڪري رهيو آهي خاص حالتن ۾ ان شخص کي آڏو آندو وڃي ٿو ان موقعي تي چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني چيو ته هن شخص کي قرارداد ذريعي اهميت نه ڏيڻ گهرجي ايوان ان ڳالهه جو خود نوٽيس ضرور وٺي آئين تحت راءِ جي اظهار جو مطلب اهو نه آهي ته ڪنهن کي لائسنس ملي وڃي هن چيو ته گذريل ڏينهن کان اڄ تائين آئين پارليمينٽ جمهوري نظام کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي پارليمان ان معاملي کي سنجيده نه پئي وٺي ان شخص جو بيان آئين جي خلاف ورزي آهي جمهوري عمل کي هڪ دفعو ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي دعوت آهي جنهن لاءِ هو بيان ڏنو اهو جمهوريت کي ڊي ريل نه ڪنداسين هو پنهنجون ذميواريون سمجهن ٿا ان تي ڳالهه ٻولهه نه ٿيڻ گهرجي ان موقعي تي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته هن شخص جو نالو نه وٺڻ گهرجي گذريل 10 سالن ۾ هي ڪوئي موقعو نٿو ڇڏي جو ان کي ڪيئن شهرت ملي جنهن غلازت ڪئي ان جي مشوري ٿي ايوان ان کي اهميت نه ڏي ۽ نه ئي ان تي ڳالهايو وڃي سينيٽر سعيد غني چيو ته ان شخص جي هڪ تاريخ آهي هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته ملڪ ۾ جمهوري وڌي ويجهي جڏهن به ملڪ ۾ جمهوري آئي آهي اهڙو شخص آڏو اچي وڃي ٿو هاڻي هو عمر جي ان حصي ۾ آهي جو ان کي اهميت نه ڏني وڃي جڏهن ته اهڙِ قسم جي بيان تي حڪومت ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *