حميد گل پاران آئين کي منسوخ، فوج کي اقتدار سنڀالڻ جو مشور ڏيڻ جو بيان مذمت جوڳو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ حميد گل جو بيان ته ملڪي آئين منسوخ به ڪيو وڃي ته ڪجهه نه بگڙجندو، مذمت جوڳو بيان آهي، ان جي صلاح ته فوج کي ڪجهه وقت لاءِ اقتدار سنڀالڻ گهرجي نه ته ملڪ ۾ سول وار ٿيندي، ان بيان جي مذمت ڪئي آهي، جمعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنرل گل هي بيان سوچي سمجهي ڏنو آهي ته ان جو بيان ملڪ خلاف هڪ وڏي سازش آهي ۽ هي سازش هن ملڪ کيٻيهر طالبان جي حوالي ڪرڻ ان کي گروي رکڻ ۽ ٻيهر ٻاهرين ملڪن جي مفاد لاءِ کيڏڻ جي سالمتي ۽ پوري نظام کي ختم ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ آهي، هن چيو ته ملڪ تي اٽڪل 40 سالن تائين فوج حڪومت ڪئي، باقي عرصو ذوالفقار علي ڀٽو کانسواءِ جي دور ڪنٽولڊ رهي، حميد گل ٻڌائي ته آمرن جي اقتدار ملڪ جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي، هن چيو ته آئين هن ملڪ ۽ ان جي سالميت ۽ اتحاد جي نشاني آهي ۽ ان کي ٽوڙيندڙ هن ملڪ کي ٽوڙڻ چاهين ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *