موت جي سزائن جو سلسلو جاري رهندو: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان اين جي او کي واضح پيغام ڏنو آهي ته اين جي اوز کي پاڪستان جي قانون ۽ آئين مطابق ڪم ڪرڻوپوندو اين جي اوز کي دائري ۾ آڻڻ لاءِ ڪنهن قسم جو دٻاءُ برداشت نه ڪيو ويندو مقامي اين جي اوز ڪجهه ٽڪيٽن لاءِ پاڪستان جي عزت نفس نه وڪرو ڪري پاڪستان جي مفادن تي ڪائي سوديبازي نه ڪئي ويندي دهشتگردن کي ڦاهيون پاڪستاني قانون ۽ آئين مطابق ڏنيون پيون وڃن ڪنهن کي طوفان برپا ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. ڪيترن ئي اين جي اوز جا ڪم ٻڌايون ته ماڻهو توبه توبه ڪندا معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جو سوچي رهيو آهيان مثبت ڪردار ادا ڪندڙ اين جي اوز سان تعاون ڪيو ويندو پاليسي هلندڙ جون ۾ اچي ويندي جمعي تي هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثارعلي خان چيو ته ڪيترائي اين جي اوز پنهنجي ايجنڊا سان پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن جو ايجنڊا پاڪستان مخالف آهي اسان فيصلو ڪيو آهي ته مسئلي کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو هن چيو ته مان واضح طور تي پرڏيهي اين جي اوز ۽ عالمي ملڪن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اين جي اوز کي پاڪستان جي قانون مطابق ڪم ڪرڻو پوندو ۽ اين جي اوز کي دائري ۾ آڻڻ لاءِ ڪنهن قسم جو ڪو دٻاءُ برداشت نه ڪيو ويندو هن چيو ته اين جي اوز کي پاڪستان جا مفاد ضابطا ۽ قانون جو احترام ڪرڻو پوندو اهو نٿو ٿي سگهي ته اين جي اوز رجسٽرڊ ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ هجي ۽ هو ڪم ڪوئي ٻيو ڪري هن چيو ته مان سوچي رهيو آهيان ته هي سمورو معاملو پارليامينٽ ۾ا اٿاريا هن چيو ته ڪافي اين جي اوز اهڙيون به آهن جيڪي بهتر ڪم ڪري رهيون آهن اسان انهن جي حمايت ڪنداسين ۽ پر بهتر ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي ڇٽي هيٺان ڪوئي ٻيو ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو ۽ هن مسئلي تي ڪوئي طوفان نه برپا ٿيڻ گهرجي هن چيو ته دنيا جي ملڪن جا پنهنجا پنهنجا قانون هوندا آهن مان انهن کان سوال ڪيان ٿو ته ڇا هو پنهنجي قانون خلاف ڪنهن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيئي سگهن ٿا ڇا اهي پنهنجي ضابطي جي خلاف ڪنهن کي قبول ڪندا هن ٻڌايو ته هڪ اين جي اوز آفريڪا ۾ رجسٽرڊ آهي ۽ پاڪستان ۾ بنا اجازت سان ڪم ڪري رهي آهي بلوچستان ۽ گلگت تي غلط رپورٽون اماڻيو پيون وڃن ڪوڙ تي ٻڌل رپورٽون جاري ٿي رهيون آهن ۽ هاڻي ايئن نه ٿيندو گهرو وزير چيو ته دنيا جا ملڪ اسان جي پارليامينٽ جي ميمبرن کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪن ٿا ته اوهان پارليامينٽ ۾ فلاڻي تقرير ڪئي اهو اوهان جو اختيار آهي ڇا اسان کيڪوئي اختيار نه آهي گهرو وزير چيو ته ڪيترائي اين جي اوز رجسٽرڊ به نه آهن ۽ 10-10 ۽ 12-12 سالن کان ڪم ڪري رهيونآهن اها به خبر نه آهي ته هو پاڪستان جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن هن چيو ته شفقت حسين ڪيس ذريعي اسان جي جڊيشل سسٽم تي تنقيد ڪئي ويئي سپريم ڪورٽ تائين فيصلو شفقت حسين جي خلاف آيو انڪوائري کان پوءِ اها ڳالهه واضح آهي ته شفقت حسين جي عمر 23 سال هئي هن چيو ته هر سال ڏوهاري ماڻهن کي گهٽ عمر قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي گهرو وزير چيو ته مقامي اين جي اوز کي فنڊنگ ٻاهران ٿئي ٿي پر بيروني ايجنڊا پاڪستان تي مڙهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ بهتر ڪم ڪندڙ اين جي اوز خوف ۽ خبرو محسوس نه ڪن جڏهن ته پاڪستان جي خلاف ڪم ڪندڙ اين جي اوز کي خوف ۽ خطرو محسوس ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *