سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ، ايم ڪيو ايم سياسي پارٽين سان رابطن لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جي سلسلي ۾ سياسي پارٽين سان رابطن لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين پاران جوڙيل ڪميٽي ىخالد مقبول صديقي، رئوف صديقي، فاروق ستار، ڪنور نويد جميل ۽ بابر غوري شامل آهن. ايم ڪيو ايم جي ڪميٽي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ سياسي پارٽين سان رابطا ڪندي. متحده جي ڪميٽي سياسي پارٽين سان رابطن بعد پنهنجي رپورٽ الطاف حسين کي موڪليندي، جنهن بعد سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ ڪنهن پارٽي جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *