جنرل راحيل شريف لاءِ استنبول ايوارڊ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي بي مثال قيادت ۾ پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابين جو سلسلو جاري رکندي پئي اچي ان جي اعتراف ۾ آرمي چيف کي استنبول ايوارڊ سان نوازڻ جو اعلانڪيو ويو آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اهو ايوارڊ گذريل رات ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ڇهين اسلامي ملڪن ٿنڪ ٽينڪس فورم جي تقريب ۾ ڏنو ويو، استنبول ايوارڊ دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي بي مثال ڪاميابين ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي قائدانه صلاحيتن جي اعتراف ڏنو ويو آهي اسلامي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪس فورم ۾ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي، ايران، بنگلاديش، آذربائيجان، مصر، ملائيشيا ۽ سوڊان شامل آهن، ڇهين ٿنڪ ٽينڪس فورم جي ميزباني پاڪستان ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *