پ پ پاران صرف سينيٽ چيئرمين جي سيٽ تي اميدوار آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) پيپلز پارٽي صرف سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ اميدوار آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڊپٽي چيئرمين جو عهدو اتحادين کي ڏنو ويندو، ذريعن مطابق پيپلزپارٽي جي اعليٰ سطحي مشاورت ۾ ان ڳالهه کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ته پيپلز پارٽي صرف سينيٽ چيئرمين لاءِ پنهنجو اميدوار ڏيندي ڊپٽي چيئرمين جو عهدو اتحادين کي ڏنو ويندو پيپلز پارٽي سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان 2 رڪني ڪميٽي به قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ سينيٽر رضا رباني ۽ سينيٽر ڊاڪٽر قيوم سومرو کي شامل ڪيو ويو آهي،  هي ڪميٽي گذريل ڏينهن کان پنهنجو ڪم شروع ڪري چڪي آهي ۽ اڄ وڌيڪ سياسي پارٽين سان رابطا ڪندي ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر ڊاڪٽر قيوم سومرو پيپلز پارٽي جي اڳواڻ روبينا خالد کي ڊپٽي چيئرمين جي عهدي تي آڻڻ جي خبرن کي غلط قرار ڏيندي ان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي هن جو چوڻ آهي ته پارٽي صرف سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن وڙهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *