وفاقي سرڪار مناسب سمجهيو ته پرويز مشرف جي معاملي تي عدالت وڃي سگهي ٿي: بابر اعواڻ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ موجوده صورتحال تي حڪمران جماعت جو موقف ڏيندي چيو آهي ته وفاقي سرڪار مناسب سمجهيو ته پرويز مشرف جي معاملي تي عدالت وڃي سگهي ٿي، وزيراعظم عمران خان ادارن کي هڪٻئي سان گڏ هلائڻ لاءِ سرگرم آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو ته ملڪ ۾ ڪجهه ڏينهن کان جيڪي معاملا ۽ واقعا ٿيا آهن، اُنهن تي وزيراعظم سان صلاح مشوري کانپوءِ پي ٽي آءِ جو موقف ڏئي رهيو آهي. رياست کي ادارا هلائيندا آهن ۽ جيستائين ادارا مضبوط توڙي خودمختيار نه ٿيندا، رياست نٿي هلي سگهي. مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي بابر اعواڻ چيو ته 80 جي ڏهاڪي ۾ اي سي ايل جو قانون ٺهيو ۽ 2010ع ۾ اُن ۾ ترميم ڪئي وئي، مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ جو مطلب آهي ته قانون بالادست آهي. حڪومت ڪنهن سزايافتا شخص جو نالو اي سي ايل مان نٿي ڪڍي سگهي، سندن جماعت عدالتن جو احترام ڪري ٿي، نواز شريف جي معاملي ۾ ضمانتي بانڊز جي ڳالهه ڪئي هئي، هاڻي ڏسو ته اڃا تائين نواز شريف اسپتال ۾ داخل نه ٿيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته اِن هائوس تبديلي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، هي ڪو حليم جو دُڪان ته نه آهي، جو گهڻا ماڻهو اُن ۾ ڪم ڪن، ڪو چانور کڻي اچي ته ڪو وري دال کڻي اچي. پاڪستان ۾ ادارن کي هڪٻئي سان گڏ هلائڻ لاءِ عمران خان متحرڪ آهي، رياستي ادارن جو سربراهه ايگزيڪيوٽو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان چوي ٿو ته هن وقت ٻه نه، هڪ پاڪستان آهي. چيو وڃي ٿو ته اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اِن هائوس (پارليامينٽ ۾) تبديلي جو بندوبست ڪن. بابر اعواڻ پرويز مشرف جي حوالي سان فيصلي تي پي ٽي آءِ جو موقف ڏيندي چيو آهي ته مشرف خلاف فيصلي ۾ پيرا 66 جي حوالي سان قانوني ۽ آئيني دڳ ورتو ويندو، حڪومت اهڙو فيصلو ڪيو آهي. ٽڪراءُ جي خدشي کي پرويز مسرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ فيصلي جي پيرا 66 سان ڳنڍيو پيو وڃي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت مناسب سمجهيو ته مشرف معاملي ۾ عدالت به وڃي سگهي ٿي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *