ملڪ جو تجارتي خسارو 20 ارب 59 ڪروڙ ڊالر تائين پھچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ڳڻت کاتي تجارتي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن جن موجب جولاءِ کان نومبر تائين تجارتي خسارو 20 ارب 59 ڪروڙ ڊالر تائين پهتو آهي. ڳڻت واري کاتي موجب گذريل سال جي هن ئي دور جي ڀيٽ ۾ واپاري خسارو 111.74 سيڪڙو وڌيو آهي ۽ جولاءِ کان نومبر تائين برآمدون 12 ارب 34 ڪروڙ ڊالر رهيون. ڳڻپ واري کاتي ٻڌايو آهي ته درآمدون 32 ارب 93 ڪروڙ ڊالر رهيون جڏهن ته 5 مهينن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ برآمدن ۾ 26.68 سيڪڙو واڌ ٿي، جولاءِ کان نومبر تائين گذريل سال جي ڀيٽ ۾ درآمدون 69.17 سيڪڙو وڌيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *