سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ملاقات، ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم هائوس طرفان انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اهو 20 نومبر 2021 کان لاڳو ٿيندو ۽ موجوده ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض 19 نومبر تائين فرض انجام ڏيندو. ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم پنجاب ريجمينٽ جي لائيٽ اينٽي ٽينڪ بٽالين ۾ ڪميشنڊ ڪيو کيس ڪمانڊ اسٽاف ۽ انسٽرڪشنل اسائيمينٽ جو تجربو آهي، آئي ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم ڪمبائنڊ آرمز سيبٽر يو ڪي مان گريجوئيٽ آهي آئي ايس پي آر مطابق ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو به گريجوئيٽ آهي ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم ايڊوانس اسٽاف ڪورس برطانيا جو به گريجوئيٽ آهي، ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم ماسٽرزڊ ڊگري ڪنگز ڪاليج لنڊن ۽ اين ڊي يو اسلام آباد مان ڪئي. کيس روايتي ۽ عير روايتي خطرن جي ماحول ۾ ڪمانڊ جو وڏو تجربو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر ڌار ملاقات ڪئي هئي، پوءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به ملاقات ۾ شامل ٿي ويو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *